15 جمعرات , نومبر 2018

مريم نواز لاهور جي تڪ اين اي 125 تان نامزدگي فارم حاصل ڪري ورتا

Maryam received nomination forms from NH-125's NHLلاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز لاهور جي تڪ اين اي 125 تان نامزدگي فارم حاصل ڪري ورتا آهن. ريٽرننگ آفيسر طرفان نامزدگي فارم جي جاري ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي، 4 جون کان شروع ٿيل اهو سلسلو 8 جون تائين جاري رهندو جڏهن ته ان دوران نامزدگي فارم جمع پڻ ڪرائي سگهجن ٿا. اڄ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ  مريم نواز اين اي 125 تان نامزدگي فارم حاصل ڪري ورتا آهن. سندس ڪاغذ ريٽرننگ آفيسر آصف بشير جي عدالت ۾ جمع ڪرايا ويندا. نئين تڪبندين کان اڳ اهو تڪ اين 120 هو، 2013 جي عام چونڊن ۾ هتان نواز شريف اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، سندس عدالتي نااهلي بعد هتان مريم نواز جي امڙ ڪلثوم نواز ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ملائيشيا جي لاڳاپن ۾ اضافي جي خواهش آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے