20 منگل , نومبر 2018

سمورن سروي رپورٽن ۾ مسلم ليگ ن فاتح نظر اچي رهي آهي: مريم اورنگزيب

The PML-N winner is seen in all the survey reports: Maryam Aurangzebلاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته هن وقت تائين ڪيل سمورن سروي رپورٽن ۾ مسلم ليگ ن جي چونڊن ۾ واضح اڪثريت سان فاتح نظر اچي رهيا آهي، چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ هن دفعي ووٽر ٽرن آئوٽ به وڌيڪ هوندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ ن ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ مضبوط پارٽي آهي ۽ اسان جي ڪنهن به اميدوار تي آڱر نه کڻي سگهندو. هن وڌيڪ چيو ته اميدوارن وڏو انگ نامزدگي فارم حاصل ڪيا آهن جن انٽرويو لاءِ  جوڙيل بورڊ ۾ عورتون پڻ شامل آهن، پورو عمل مڪمل جهموري ۽ ميرٽ جي بنياد تي ٿي رهيو آهي، مريم اورنگزيب چيو ته چونڊن ۾ وقت سر ٿينديون ۽ هن ڀيري ووٽرن جو ٽرن آئوٽ به وڌيڪ هوندو، هن وقت تائين ڪيل سمورن سروي رپورٽن ۾ مسلم ليگ ن چونڊن ۾ ڪامياب نظر اچي رهيا آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ دفاع پيش ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو نه ڪري سگهيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ دفاع پيش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے