19 پیر , نومبر 2018

پروفيسر حسن عسڪري رضوي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن پروفيسر حسن عسڪري کي پنجاب جو نگرن وڏو وزير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان جي سربراهيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي نالي تي غور ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن حڪومت طرفان تجويز ڪيل ايڊمرل ذڪاءَ الله ۽ جسٽس رٽائرڊ سائر علي جي نالن تي غور ڪيو. مخالف ڌر جي نالن اياز امير ۽ پروفيسر حسن عسڪري جي نالن تي غور ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي اختيارين موجب آرٽيڪل 224 ڪي تحت اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن پروفيسر حسن عسڪري رضوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو آهي. پروفيسر حسن عسڪري جو نالو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ڪارروائي، القاعده جو اهم اڳواڻ گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ادارن ڪارروائي ڪندي القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے