24 بدھ , اکتوبر 2018

آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان فون تي رابطو ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو افغانستان ۾ سياسي مفاهمت جي ضرورت ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ بنا فرق سمورن دهشتگردن ۽ ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي تي به ڳالهيون ڪيون. آمريڪي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير مائڪ پومپيو هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ سمورين دهشتگرد تنظيمن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سان فون تي ڳالهيون ڪيون آهن. ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپن جي بهتري جي طريقيڪار، افغانستان ۾ سياسي اتفاق راءِ جي اهميت بابت ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ سمورن دهشتگرد تنظيمن خلاف بنا فرق ڪارروائي تي زور ڀريو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے