17 ہفتہ , نومبر 2018

چيف جسٽس ميٽرو راوپنڊي خلاف مشاهد حسين جي  درخواست اڪلائي ڇڏي

Asaf Khan Khan: The Supreme Court directed the entire men to submit a reply in writing for a weekاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ميٽرو بس سروس تي مشاهد حسين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا هاڻي سڀ کير جا ڌوتل ٿي ويا آهن ۽ ڇا توهان اڄ به ڪرپشن جي الزامن تي قائم آهيون، چيف جسٽس مشاهد حسين کان سوال ڪيو ته توهان کي گهرايو ويو هو، ٻن ڏينهن تائين عدالت ڇو نه آيا. سپريم ڪورٽ ۾ ميٽرو بس راولپنڊي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس مشاهد حسين کان سوال ڪيو ته توهان ميٽرو بس تي ڪرپشن جو الزام هنيو هو، ڇا توهان اڃا به ڪرپشن جي الزام تي قائم آهيو. مشاهد حسين جواب ڏنو ته منهنجو مسئلو ماحوليات بابت هو ۽ مان سي ڊي اي جي ماسٽر پلان بابت سوال اٿاريا هئا، هاڻي جيئن تي ميٽرو بس ٺهي چڪي آهي تنهن ڪري ڪيس کي اڪلائڻ ئي بهتر آهي.  هن چيو ته ميٽرو بس اشو ختم ٿي چڪو آهي،  چار سال اڳ مان جسٽس تصدق جيلاني کي خط لکيو هو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن 4 سال اڳ خط لکيو هو ته پوءِ به دليل ڏيو. جسٽس ثاقب نثار مشاهد حسين کان سوال ڪيو ته ڇا هاڻي سڀ ماڻهو کير جا ڌوتل ٿي ويا آهن، توهان کي گهرايو هو ٻن ڏينهن تائين عدالت ڇو نه پهتا. چيف جسٽس مشاهد حسين جي درخواست غير موثر قرار ڏيندي اڪلائي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري جهاز جو استعمال: حڪومت پاران مريم خلاف نيب کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے