19 پیر , نومبر 2018

لوئر دير ۾ پوليس موبائيل ڀرسان ڌماڪو، ايس ايڇ او سميت 3  اهلڪار شهيد، هڪ زخمي

لوئر دير ( ويب ڊيسڪ ) لوئر دير جي علائقي ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. لوئر دير جي علائقي ميدان ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪو ڪيو ويو جنهن ۾ پوليس موبائيل کي نشانو بڻايو ويو. ساڳي علائقي ۾ ڪالهه هڪ امن ڪميٽي جي ميمبر کي قتل ڪيو ويو. پوليس موبائيل واقعي واري هنڌ وڃي رهي هئي ته ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪو ڪيو ويو. ڌماڪي ۾ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس مارجي ويل ماڻهن جي لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو آهي. سڪيورٽي فورسز طرفان علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے