21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو الهيار: پوليس ۾ ڀرتي لاءِ انٽرويو ڏيندڙ نوجوانن جو احتجاج

Tandoallahyar : Protest of candidates for injustice in police entry testٽنڊو الهيار ۾  پوليس ۾ ڊرائيورن جي ڀرتي لاءِ انٽرويو ڏيندڙ نوجوانن کين نظرانداز ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 نوجوانن  سرور حسين مشوري ، طارق شاهه، ياسرمظهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

احتجاج ڪندڙ نوجوانن ٻڌايو ته  سجاول ، ٽنڊومحمد خان ۽ حيدرآباد ۾ ڊرائيورن جي ڀرتي دوران بدنظمي جي ٽنڊوالهيار واسين کي سزا ڏني پئي وڃي.

 هنن چيو ته ٽنڊوالهيار ضلع مان 143 اميدوار انٽرويو ۾ پاس ٿيا هئا جن جي فائنل لسٽ پڻ ايس ايس پي آفيس ۾ لڳائي وئي ۽  هڪ هفتي اندر  آفر آرڊر ڏيڻ جو چيو ويو هو پر ان تي عمل نه ٿيو .

هنن آءِ  جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته  بيروزگار نوجوانن کي فاڪا ڪشي کان بچائڻ لاءِ ترت  آرڊر جاري ڪيا وڃن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے