23 منگل , اکتوبر 2018

نواز شريف ۽ مريم نواز جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد، نواز شريف ئي لنڊن فليٽس جو مالڪ آهي: نيب

There is a responsible oversight government of loading shedding: Nawaz Sharifاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )احتساب عدالت نين ريفرنسز ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته  شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل آخري دليلن دوران چيو ته نواز شريف ئي لنڊن فليٽس جو اصلي مالڪ آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر پيش نه ٿيا. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب ٽئين ڏينهن به آخري دليل جاري رکندي چيو ته نواز شريف ئي لنڊن فليٽس جو اصل مالڪ آهي، جڏهن ته آف شور ڪمپني ذريعي اصل ملڪيت لڪائي وئي آهي. سردار مظفر عباسي چيو ته قطري شهزادي جو بيان اڻ لاڳاپيل آهي پر پوءِ به جي آءِ ٽي قطري شهزادي جو بيان رڪارڊ ڪارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن لاءِ 24 مئي 2007ع کي کيس بيان رڪارد ڪرائڻ لاءِ گهرايو ويو. ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب چيو ته جي آءِ ٽي جا نوٽيس قطري شهزادي کي مليا پر هو پيش نه ٿيو، جڏهن ته 11 جولاءِ 2017ع تي شهزادي شهزادي جو ٻيو جواب آيو پر پوءِ هن جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو. سردار مظفر عباسي دليلن دوران چيو ته 22 جون 2017ع تي قطري شهزادي کي ٻيهر گهرايو ويو ۽ جي آءِ ٽي چيو ته توهان نه ٿا اچو ته اسان دوحا جي پاڪستاني سفارتخاني اچون ٿا. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته قطري شرط رکيا ته نه ته هو پاڪستاني سفارتخاني ايندو ۽ نه وري عدالت ۾ پيش هوندو جڏهن ته آڏي پڇا ۾ چيو ويو ته قطري شهزادي کي ڌمڪي ڏني وئي جيڪا ڳالهه درست ناهي.   هن چيو ته 1993ع کان 1996ع تائين حسين نواز شاگرد هو ۽ سندس ڪو به آمدني جو ذريعو نه هو، جڏهن ته هو فليٽس جي قبضي کي قبول ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هو فليٽس جو تنهن وقت کان گرائونڊ رينٽ، سروس رينٽ ادا ڪري رهيو آهي. سردار مظفر عباي چيو ته جيڪڏهن حسين نواز فليٽس جو مالڪ نه هو ته کيس گرائونڊ رينٽ ادا ڪرڻ جي ضرورت نه هو. سندس چوڻ هو ته مريم نواز جي آءِ ٽي ۾ ٽرسٽ ڊيڊ جي ڪاپي پيش ڪئي ۽ چيو ته اها اصل آهي جڏهن ته ان ٽرسٽ ڊيڊ بابت ٻه رايا آهن. سردار مظفر عباسي چيو ته ايڪسرپٽ اسٽيفن موورلي دستاويز نه ڏٺا آهن ۽ عام راءِ ڏني ته جڏهن ته ايڪسپرٽ گلڊ ڪوپر دستاويز جي جائزي بعد رپورٽ تيار ڪئي جيڪا نهايت اهم آهي. هن چيو ته اسٽيفن موورلي جي رپورٽ حسين نواز جمع ڪرائي جڏهن ته گلڊ ڪوپر جي ايڪسپرٽ رپورٽ عمران خان فراهم ڪئي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب چيو ته سامبا بئنڪ جو خط مريم نواز کي لنڊن فليٽس جي بينفيشل مالڪ هئڻ سان جوڙي ٿو، جڏهن ته احتساب عدالت مريم نواز ۽ نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون رد ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان جي سعودي بادشاهه سلمان سان ملاقات

رياض ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے