23 منگل , اکتوبر 2018

ايپل واچ لاءِ”واڪي  ٽاڪي ايپ“ لانچ ڪيو ويو آهي

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) موبائل فون جي آمد کان پهريان وائرليس ۽ واڪي ٽاڪي  اهم شئي تصور ڪئي ويندي هئي ۽ هاڻي ان ئي ياد ۾ ايپل ڪمپني واچ لاءِ واڪي ٽاڪي ايپ پيش ڪيو آهي،  هن ايپل جي ذريعي ماڻهو پنهنجي ايپل ايپ تي هڪ بٽڻ کي دٻائي  هڪ ٻئي سان ڳالهائي سگهندا.  هي ايپ واچ او ايس فائيو نالي ايپل آپريٽنگ سسٽم تي هلندو. جنهن ۾ واٽس ايپ جي طرح رابطي جي فهرست ۾ شامل ٻين دوستن کي به پنهنجو وائيس ميسيج موڪلي سگهبو. هن ايپ کي ”واڪي ٽاڪي“ جو نالو ڏنو ويو آهي. سومر جي ڏينهن ورلڊ وائڊ ڊيو يلپرز ڪانفرنس ۾ پنهنجي چيف جسٽس آپريٽنگ آفيسر جيف وليمز ان اعلان ڪندي چيو ته ايپل واچ رابطا، جان بچائڻ ۽ صحت کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هاڻي نئي او ايس فائيو جي لانچ کان پوءِ ايپل واچ رابطي ۽ ٻين سرگرميون ۾ هڪ نئي درجي تي ويندي “ جيف وليمز چيو واڪي ٽاڪي ايپ جي ذريعي 2 ماڻهو آساني سان هڪ ٻئي سان ڳالهائي سگهندا. ايپل هن کي وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته ايپ وائي فائي ۽ سيولر نيٽ ورڪ، ٻنهي تي ڪم ڪندو جڏهن ته ان جي ذريعي پوري دنيا ۾ تيز رفتار ، ذاتي ۽ ڳجها رابطا ڪري سگهجن ٿا، اهڙي طرح فون ڪال جي مقابلي ۾ هڪ بٽن کي دٻائي ڳالهائڻ وڌيڪ آسان ۽ محفوظ طريقو به آهي. ايپل موجب نئي آپريٽنگ سسٽم ۾ واچ فيس ۾ وڌيڪ تبديليون ڪيو ويون آهن جڏهن ته نقشن اسپورٽس ۽ صحت جي چاڻ به بهتر بڻائي وئي آهي. واڪي ٽاڪي ايپ لاءِ بٽن کي ڪسمٽائز يا تبديل به ڪري سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي معاملي تي سعودي عرب جي حمايت ڪندڙ ٽوئيٽر اڪائونٽ بند

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) سعودي صحافي جمال خاشقجي جي گم ٿيڻ تي جتي رياض حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے