23 منگل , اکتوبر 2018

شفاف چونڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ آفيسرن جي بدلين جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن  عام چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ آفيسرن جي بدلين جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب شفاف چونڊن لاءِ مرحليوار آفيسرن جون بدليون ڪيون وينديون ۽ پهرين مرحلي ۾ صوبائي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس تبديل ڪيا ويندا. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ۾ آفيسرن جون سياسي وفاداريون پرکڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب چيف سيڪريٽرين کي آفيسرن جي لسٽن تي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ چئني صوبن مان گريڊ 18 کان 22 تائين جي آفيسرن جون لسٽون طلب ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن موجب گريڊ 17 ۽ ان کان گهٽ جي آفيسرن جي بدلين لاءِ به چيف سيڪريٽريز کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن نين مقررين لاءِ آفيسرن جون لسٽون اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي فراهم ڪندي ۽ ان حوالي سان مشورن جو عمل جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڊيالا جيل ۾ قيدين لاءِ ايندڙ سرڪاري راشن ۾ هيرا ڦيري جو انڪشاف

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل ۾ ايندڙ سرڪاري راشن ۾ مبينا طور هيرا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے