18 اتوار , نومبر 2018

تاحيات نااهلي ڪيس: سپريم ڪورٽ پرويز مشرف کي 13 جون تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي 13 جون تي طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي تاحيات نااهلي جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. پرويز مشرف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ سندس اصيل جا نامزدگي ڪرڻ رد ڪري تاحيات نااهلي جو حڪم ڏنو هو. چيف جسٽس پرويز مشرف جي وڪيل کي چيو ته توهان جي ڪيس کي ٻڌنداسين، پنهنجي اصيل کي چئو ته 13 جون تي لاهور اچي وڃي. جسٽس ثاقب نثار پرويز مشرف کي لاهور رجسٽري طلب ڪندي چيو ته پرويز مشرف منهنجي سامهون پيش ٿي وڃي کيس گرفتار نه ڪيو ويندو، اسان حڪم ڏينداسين ته کيس عدالت پهچڻ تائين گرفتار نه ڪيو وڃي. پرويز مشرف جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اصيل جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ جو معاملو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان سادو حڪم ڏنو آهي ته پرويز مشرف لاهور اچي وڃي. جسٽس ثاقب نثار اڳوڻي صدر جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته درخواست جي آخري فيصلي تائين سندس چونڊ وڙهڻ مشروط هوندو.  جسٽس ثاقب نثار اڳوڻي صدر جي وڪيل کي چيو ته پرويز مشرف پاڪستان اچي وڃي ته ڪيس جي تفصيلي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوئيٽا ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 3 سيڪورٽي اهلڪار شهيد، 4 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)مارگٽ ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي جي نتيجي  ۾ 3 سيڪورٽي اهلڪار شهيد، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے