21 بدھ , نومبر 2018

مير ظفر الله جمالي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي تحريڪ انصاف اڳواڻ يار محمد رند سان فون تي رابطو ڪيو ۽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو. مير ظفر الله جمالي سمورن ساٿين سميت تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي. فون تي رابطي دوران يار محمد رند مير ظفر الله جمالي جي خدمتن جو اعتراف ڪيو  ۽ جلد ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. يار محمد رند عمران خان کي معاملي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي جي عمران خان سان جلد ملاقات جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے