14 بدھ , نومبر 2018

نيب کي نندي پور پاور پروجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار نيب کي نندي پور پاور پروجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ نندي پور پاور پروجيڪٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، توانائي وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته نندي پور پاور پروجيڪٽ اڃا تائين ڇو نه ٺهيو آهي، پروجيڪٽ جو فائل قانون واري وزارت ۾ ڪيتري عرصي تائين رهيو، پروجيڪٽ ۾ جيڪو فراڊ ٿيو اهو ڏسڻ چاهيان ٿو. توانائي واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته 525 ميگا واٽ لاءِ 2005 ۾ نندي پور پاور پروجيڪٽ ٿيو، 22 بلين جو منصوبو 58 بلين تائين پهتو. عدالت چيو ته نندي پور پاور پروجيڪٽ بابت جعفري رپورٽ موجود آهي، پروجيڪٽ ۾ ڪرپشن جي معاملي کي ڏسنداسين. سپريم ڪورٽ جسٽس جعفري رپورٽ جي روشني ۾ نيب کي نندي پور پروجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ايس ايس پي طاهر داوڙ جو مڙهه پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا پوليس جي اعليٰ آفيسر ايس پي طاهر داوڙ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے