21 بدھ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت پاڪستاني سفارتخاني کان ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ عافيه صديقي جي ڀيڻ فوزيه صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي عافيه صديقي جي ڀيڻ ٻڌايو ته پاڪستاني قونصل جنرل عائشه فاروقي ڪجهه ڏينهن اڳ عافيه صديقي سان ملاقات ڪئي. چيف جسٽس چيو ته پاڪستاني سفارتخانو ٽن ڏينهن ۾ ٻڌائي ته عافيه صديقي زنده به آهي يا نه آهي، افواهه آهن ته عافيه صديقي لاڏاڻو ڪري وئي آهي. عدالت واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته سفارتخاني مان رپورٽ اچڻ ڏيو، عدالت ان کان وڌيڪ ڇا ٿي ڪري سگهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے