21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڀرياسٽي : 5 ڏينهن اڳ پراسرار طور گم ٿيل پيرسن عورت جو لاش هٿ

Bharia city: 5 days ago, the body of a lost mysterious woman lost mysteriouslyڀريا سٽي ڀرسان 5 ڏينهن اڳ پراسرار طور گم ٿيل پيرسن عورت جو لاش گند جي ڍير مان هٿ آيو.

ڳوٺ دالي مان پنج ڏهاڙا اڳ پراسرار طور گم ٿيل پيرسن عورت پناھ خاتون جو لاش دالي صحت مرڪز ڀرسان گند جي ڍير مان هٿ  آيو.

ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ڀرياسٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  لاش تحويل ۾ ورتو.

لاش جي سڃاڻپ پيرسن عورت جي مائٽ ارباب ٻرڙي ڪپڙن ڏسي ڪئي، جڏهن ته گند جي ڍير تي پيل لاش کي ڪتن پٽي ڇڏيو هو.

ارباب ٻرڙو ٻڌايو ته80 ورهين پيرسن عورت سندس سس آهي، جيڪا گونگي ۽ ٻوڙي هئي، ڳوٺ مان پني پنهنجو گذر سفر ڪندي هئي.

هن چيو ته پيرسن عورت کي هڪ پٽ ۽  ٻن نياڻين جو اولاد آهي، پر سندس گهر ۾ رهندي هئي.

هوڏانهن پوليس موجب پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے