21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ميهڙ: لياقت جتوئي، فياض ٻٽ، طلعت مهيسر ۽ ٻين چونڊ فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

mehar: Liaquat Jatoi, Fayyaz Khan, Talent Assistant and other election forms have been submitted.* ميهڙ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ سميت آزاد اميدوارن پاران جلوسن جي صورت ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا.

پي ٽي آءِ جي اميدوارن اڳوڻي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي، اڳوڻي ايم پي اي صداقت جتوئي ۽ احسان جتوئي سميت ٻيا ريٽرنگ آفيسرن وٽ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ پهتا.

لياقت جتوئي اين اي 2 سئو 34 ميهڙ ڪي اين شاهه تي فارم جمع ڪرايو،  پي ايس 84 ميهڙ تي پي ٽي آءِ جي صداقت جتوئي ۽ پي ايس 83 تي پي ٽي آءِ جي احسان علي جتوئي ۽ اين اي 2 سئو 35 تي پي ٽي آءِ جي ڪريم جتوئي فارم جمع ڪرايا.

هوڏانهن پي ايس 84 ميهڙ تي پ پ جي نامزد اميدوار فياض ٻٽ فارم جمع ڪرايو، جڏهن ته پ پ جي ناراض اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر طلعت مهيسر سندس گهرواري پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ ميڊم شبنم طلعت مهيسر اين اي 234 تي آزاداميدوار طور فارم جمع ڪرايا.

پي ايس 84 ميهڙتي ثاقب طفيل مهيسر آزاد اميدوار طور فارم جمع ڪرايو، جڏهن ته پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي مسرت رفيق مهيسر سميت ٻين ڪيترن ئي اميدوارن فارم جمع ڪرايا……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے