21 بدھ , نومبر 2018

تڪرارن جي پرامن حل جا خواهشمند آهيون پر ڀارت نه ٿو چاهي ته پوءِ اسان کي به ضرورت ناهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گلگت بلتستان  آرڊر تي ڀارتي اعتراضن کي رد ڪندي ڀارت کي چيلينج ڪيو  آهي ته  گڏيل قومن جي ٺهرائن  موجب  راءِ شماري ڪرائي وڃي. ڀارتي تي امن قائم ڪرڻ ۽ باوقار ڳالهين لاءِ تيار نه ٿيو ته جلد ٽٽي ويندو . پرڏيهي ترجمان  ڊاڪٽر فيصل  هفتيوار بريفنگ  ۾ چيو ته  تڪرارن جي پرامن حل جا خواهشمند آهيون پر ڀارت نه ٿو چاهي ته پوءِ اسان کي به ضرورت ناهي .پرڏيهي ترجمان چيو ته   گلگت  بلتستان آرڊر تي ڀارت  اعتراضن جو ڪو به بنياد  ناهي .ڀارت جيڪڏهن  گڏيل قومن تحت راءِ شماري ڪرائي ته  حقيقت سامهون اچي ويندي . والاريل ڪشمير  کي هر صورت ۾  پاڪستان جو حصو بڻجڻو آهي  ۽ ان ۾  ڪو به شڪ ناهي . ڀارت  خطي کي هٿيارن جي ڊوڙ  ۾ ڌڪي  رهيو آهي . هندستان جي روئي  ۽ هٿيار ن جي ڊوڙ  جي ڪري  اسان پنهنجي دفاع  تي مجبور  ٿي ويندا آهيون . ڀارت خطي  کي هٿيارن  جي ڊوڙ  ۾  جهاتي پائي رهيو آهي . پاڪستان کي به تيار رهڻو پوندو . پاڪ فوج  هر طرح  جي خطرن  کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار  آهي . ايندڙ چونڊن جي حوالي سان  عالمي برادري  جو رد عمل  هاڪاري آهي .  عام چونڊون آزاد ۽ شفاف  ٿينديون . پاڪستان ۽ روس وچ ۾  سفارتي لاڳاپا  گڏيل احترام  تي ٻڌل  پاليسي سان  بهتر نموني اڳتي وڌي رهيا آهن . ڪابل ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪندي  ڌماڪي ۾ بيگناهه ماڻهن جي ضايع ٿيڻ تي  سخت ڏک جو اظهار ڪيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جي ترجمان جي پيمرا جي چيئرمين سان ملاقات

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور پيمرا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے