21 بدھ , نومبر 2018

پشاور: مسجد اندر فائرنگ سبب هڪ شخص زخمي

PESHAWAR: A person injured due to firing inside the mosqueپشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ مسجد اندر فائرنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. پوليس موجب پشاور جي علائقي شهيد آباد ۾ مسجد اندر جوابدار فائرنگ ڪري هڪ شخص کي زخمي ڪري وڌو. فائرنگ دوران مسجد جي ڀت ۽ دروازي تي پڻ گوليون لڳيون جنهن سبب مسجد کي نقصان پهتو. پوليس واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ شخص کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدار جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ شخص ۽ جوابدار ٻئي پاڻ سئوٽ آهن ٻنهي جي وچ ۾ گهرو تڪرار هلي رهيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب زخمي ٿيندڙ شخص جوابدار کان بچڻ لاءِ مسجد ۾ اچي پناهه ورتي هئي. ٻئي پاسي علائقي جي رهواسين مسجد جي بي حرمتي ڪندڙ جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے