16 جمعہ , نومبر 2018

 تربيلا ڊيم ٽرانسفارمر اوور لوڊ، وارسڪ ڊيم مان پيدوار بند، ڪي پي ۾ بجلي فراهمي متاثر

Turbila Dam Transformer Overload, Warcake Dam, Pedro Dam, KP Electricity Impact in KPپشاور(ويب ڊيسڪ) تربيلا ڊيم جا ٽرانسفارمر اورر لوڊ ٿيڻ ۽ وارسڪ ڊيم مان بجلي جي پيداوار بند هئڻ سبب خيبرپختونخواهه صوبي جي گادي واري شهر پشاور، ايبٽ آباد ۽ مردان جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي. پشاور جي علائقي فقير ڪالوني ۾ گذريل رات بجلي جي لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج ڪيوويو. احتجاج ڪندڙن روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو ۽ اختيارين خلاف نعري بازي ڪئي. ٻئي پاسي پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني( پيسڪو) جي اختيارين موجب تربيلا ڊيم جي پاور ٽرانسفارمرن تي سخت لوڊشيڊنگ واري صورتحال آهي، جنهن سبب مردان هري پور ۾ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي، ۽ انهن علائقن ۾ اوور لوڊنگ سبب شهرين کي بار بار ٽرپنگ ۽ گهٽ وولٽيج کي منهن ڏيڻو پيجي رهيو آهي. اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته وارسڪ ڊيم مان بجلي جي پيداوار بند ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پشاور ۽ لڳاپيل علائقن ۾ پڻ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي. تربيلا ڊيم جي پاور ٽرانسفارمر اوور لوڊ ٿيڻ ۽ وارسڪ ڊيم جي جنريشن بند هئڻ سبب، ايبٽ آباد ۽ مردان جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے