18 اتوار , نومبر 2018

پرڏيهي ڪوچنگ اسٽاف بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، مڪي آرٿر سان 2019 جي عالمي ڪپ تائين معاهدو ڪيو آهي:نجم سيٺي  

The Foreign Coaching Staff is working well, with Mickey Arthon agreements to the 2019 World Cup: Najam Sethi

 لاهور(اسپوٽس نيوز) مڪي آرٿر پاڪستانين جون دلون کٽي ورتيون، هيڊ ڪوچ جي اننگز ڊگهي ٿيڻ جا امڪان ظهار ڪيا ويا آهن.  برطانوي ڪرڪيٽ ويب سائٽ”پاڪ پيشن“ کي انٽرويو ڏيندي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي موجودا صورتحال مان مطمئن آهيان، مداحن ۾ جوش جذبو آهي، راند ۾ پيسو به اچڻ لڳو آهي، عالمي ڪرڪيٽ به بنا رنڊڪ جي واپس اچي رهي آهي، پاڪستان سپر ليگ هڪ ڪامياب ايونٽ بڻجي چڪو آهي، قومي ٽيم بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي، ان سلسلي سان ڪواليفائڊ ڪوچ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو ته اعليٰ معيار جي ڊسپلين ۽ بهترين  مسقبل لاءِ  پُر اعزم آهيون تمام  جلد دنيا جي مضبوط ترين ٽيمن ۾ شمار ٿينداسين، هن وقت خاميون آهن جن کي وقت ۽ تجربي سان گڏ ختم ڪري وٺنداسين،  پاڪستان ڪرڪيٽ بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي، هن چيو ته سندس  ڪوششن جو آخرڪار سٺو نتيجو نڪرڻ تي ميڊيا تي هن خلاف ٿيندڙ تنقيد پڻ ختم ٿي ويندي. نجم سيٺي چيو ته هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر سان  2019 جي عالمي ڪپ تائين معاهدو ڪيو آهي، ان ۾ واڌ وارو فيصلو ڌرين کي گڏجي ڪري ڪرڻو پوندو، پي سي بي چيئرمين چيو ته سندس خيال ۾ پرڏيهي ڪوچ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، مددگار اسٽاف پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي فيلڊنگ ڪوچ اسٽيو رڪسن کي وڃڻو آهي، سندس خال پهريان کان ئي موجود آفيشلن ۾ ڪو هڪ پورو ڪندو يا ڪنهن نئين ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. پي سي بي چيئرمين ٻڌايو ته هيڊ ڪوچ جي سفارشن کي نظر ۾ رکنداسين، جيتريقدر آرٿر جي پنهنجي ڪنٽريڪٽ جي ڳالهه آهي ته هن پاڻ ئي چيو هو ته هو گرين شرٽس کي عالمي ڪپ تائين وٺي ويندو، هن چيو ته سندس خيال ۾ پڻ ان بعد ئي ايندڙ فيصلو ڪرڻ مناسب هوندو، پر پي سي بي هيڊ ڪوچ جي ڪارڪردگي مان خوش ۽ رانديگر سندس قدر ڪندا آهن، آرٿر جا ڪپتان سرفراز ۽ چيف سليڪٽر سان  سٺا لاڳاپا آهن. سڀني کي هڪ اسٽيج تي هجڻ پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ سٺو سنئوڻ آهي. نجم سيٺي چيو ته پرڏيهي ڪوچنگ اسٽاف جي موجودگي ۾ قومي ٽيم جو ڊسپلين تمام گهڻو بهتر ٿيو آهي، ڪو به رانديگر ايندڙ پوءِ کڻي اهو ڏهن ورهين ۾ واحد سپر اسٽار هجي تڏهن به ڊسپلين ٽوڙيندڙ کي ڪا به معافي نه ڏني ويندي. هن چيو ته سينٽرل ڪنٽريڪٽ رکندڙ قومي ڪرڪيٽرن کي پي ايس ايل کان سواءِ 2 ليگن ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت آهي، ڪنهن خاص معاملن ۾ حتمي فيصلي جو اختيار هيڊ ڪوچ جي حوالي ڪرڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن رانديگر جي فٽنس مسئلن پيدا ٿيڻ يا معمولي انجري ۾ اضافي جو  خدشو هجي ته هو ان کي روڪي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو ته پاڪستان ٽيم جي زمبابوي جي دوري تي ڪو به خدشا نظر نٿا اچن، ويجهڙائي ۾ ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد پنهنجي اسٽاف کي زمبابوي ڪرڪيٽ سان رابطو ڪرڻ جو چيو هو، اتان کان جواب آيو آهي ته سڀ ڪجهه ٽريڪ تي آهي، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي شموليت سان شيڊول ٽي ملڪي ٽي 20 سريز خطري ۾ ناهي، اسڪاٽ لينڊ خلاف سريز ختم ٿيڻ بعد گرين شرٽس زمبابوي لاءِ اُڏام ڀريندي. نجم سيٺي اميد جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت يو اي اي ۾ ايشيا ڪپ دوران پاڪستاني ٽيم سان ميچ کيڏندو، بي سي سي آءِ پنهنجي حڪومت کان پاڪستان سان گڏيل مقابلن جي پاليسي واضح ڪرڻ جي حوالي سان رابطو ضرور ڪيو پر ان جو ايشيا ڪپ جهڙي ايونٽ سان  ڪو به واسطو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ابوظهبي ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن به بالرن جي نانءُ، ڪيويز جي شاندار واپسي

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) ابو ظهبي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ڪيوي ٽيم ڀرپور واپسي ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے