20 منگل , نومبر 2018

نيب عدالت شريف خاندان خلاف ريفرنسز اڪلائڻ جي مدي ۾ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب جي عدالت شريف خاندان خلاف ريفرنسز اڪلائڻ جي مدي ۾ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير سپريم ڪورٽ ۾ شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز جا ڪيس اڪلائڻ لاءِ مد ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 9 جون جو وقت ختم ٿي رهيو آهي ۽ شاهد اڃا باقي آهن، ايون فيلڊ ريفرنس ۾ آخري دليل جاري آهن، العزيزيه ريفرنس ۾ واجد ضياءَ کان آڏي پڇا ڪئي پئي وڃي. العزيزيه ۾ جاچ آفيسر ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ واجد ضياءَ ۽ جاچ آفيسر جو بيان قلمبند ٿيڻ باقي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيب ريفرنس جو فيصلو 9 جون تائين نه ٿو ٿي سگهي تنهن ڪري وقت وڌايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے