19 پیر , نومبر 2018

اسان جو مقصد صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ آهي: نگران وڏو وزير

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جو مقصد صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، ڪرپشن جا معاملا نيب ڏسندي، اسان جو ڪم ناهي. ڪراچيءَ ۾ ميديا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته اسان جي ڪابينا اڄ قسم کنيو آهي، اسان جو مقصد صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي. هن چيو ته وزيراعليٰ هائوس ۾ 2018ع جي چونڊن لاءِ ڪمپلينٽ سيل قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو سڄي صوبي مان اليڪشن جي حوالي سان شڪايتون وصول ڪندو جڏهن ته اسان سڀ وزير واري واري سان سيل کي ڏسنداسين. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن جا معاملا نيب ڏسندي،اسان جو اهو ڪم ناهي. نگران وڏي وزير چيو ته ڪرپشن کي ڏسڻ اينٽي ڪرپشن جي ادارن جي ذميواري آهي، نيب پنهنجو ڪم آزاد نموني ڪندي آهي. هن چيو ته اسان آڏو ڪرپشن جو ڪو ڪيس آيو ته ضرور ڏسنداسين جڏهن ته اسان جي ڪابينا ۾ ڪو به سياسي ماڻهو ناهي. نگران وڏي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته صوبي ۾ روزاني ڪم ڪيون ۽ عوام سان رابطو به ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے