15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: مدئجي: پوليس پاران نوجوان  کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ميربحر برادري جي ماڻهن جو   احتجاج

Madeji: Protest against police for kidnapping young man of Mirbahar Community by People of Mirbahar community مدئجي  ۾ پوليس پاران نوجوان کنڀي گم ڪرڻ خلاف ميربحر برادري جي ماڻهن  احتجاج ڪيو .

 ميربحر برادري جي ماڻهن نديم ميربحر، عاطف، ڪاشف ميربحر، امجد، ريحان علي، وقار ميربحر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عيدگاهه محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مدئجي پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن ۾  ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد  نوجوان سخاوت  ميربحر کي گرفتار ڪري کڻي وئي ۽ کيس گم ڪري ڇڏيو.

 هنن ٻڌايو ته هنن پنهنجي نوجوان کي ٿاڻن تي ڳولهيو پر سندس ڪٿي به ڏس پتو نه مليو خبر ناهي ته کيس پوليس ڪٿي گم ڪري ڇڏيو آهي .

هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان مطالبو ڪيو  ته سندن نوجوان کي کنڀي گم ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : 653 شاگردن ۾ شوز ورهايا ويا

ميرپورخاص ويجهو ڪوٽ غلام محمد شهر جي قائداعظم ايليمينٽري ڪيمپس اسڪول ۾ 653 شاگردن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے