15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪستان ۾ پهرين ڪلاسڪ فٽبال ليگ هلندڙ سال ڪرائڻ جو اعلان

The first round of football anniversary of the year will be played in Pakistanلاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ پهرين ڪلاسڪ فٽبال ليگ هلندڙ سال جي آخري ٽي  ماهي ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو  ويو . پي ايف ايف ۽ اسٽرابري اسپورٽس مينيجمنٽ جي گڏيل ڀائيواري سان ٿيندڙ ايونٽ جي فرنچائز ٽيمن ۾ پاڪستان جي بهترين ٽيلنٽ سان گڏ عالمي رانديگر پڻ شامل هوندا. فٽبال هائوس ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪلاسڪ ليگ لاءِ قومي فٽبالرن جي شروعاتي فهرست تيار ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پي ايف ايف جا عالمي رانديگرن سان رابطا پڻ جاري آهن. فيڊريشن اختيارين ليگ کي پاڪستان ۾ فٽبال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قدم قرار ڏنو آهي.  ٻئي پاسي نجي اسپورٽس ميجمينٽ ڪمپني جي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون تجربو ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور تياري سان گڏ ڪيترائي تعارفي پروگرام پڻ ڪرايا ويندا. ان موقعي ته ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ايف ايف جي ليگ ڊيولپمنٽ ۽ ميڊيا واري شعبي جي سربراهه ۽ ڪلاسڪ ليگ جي ڊائريڪٽر شاهد نياز کوکر چيو ته سي ايف ايل ملڪ ۾ فٽبال کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي راند بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوئٽي پيل آهي، ان جو هڪڙو سبب اهو به ملڪي فٽبال ۾ جديد سهولتون متعارف ناهن ڪرائيون ويون. ڪلاسڪ ليگ ۾ ان سلسلي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جنهن جي اڳتي هلي ڪيترائي مثبت اثر پوندا. پي ايف ايف جي ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر ۽ سي ايف ايل جي  سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين شهزاد انور فٽبال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ تي نجي ڪمپني جي جذبي جي تعريف ڪئي. هن يقين ڏياريو ته بهترين رانديگرن جي چونڊ ڪنداسين جيئن شهرن سان لڳاپيل مضبوط ٽيمون جوڙيون وڃن ۽ مداحن کي بهترين فٽبال ڏسڻ لاءِ ملي سگهي. ڊائريڪٽر ڪمٽيشن پي ايف ايف سجاد محمود چيو ته سي ايف ايل ۾ مقابلن جي فضا پيدا ٿيڻ سان پاڪستان پريميئر ليگ ۽ بي ڊويزن فٽبال سان گڏ ٽيلنٽ جي ڳولها لاءِ اسان کي وڌيڪ هڪ ايونٽ ملي ويندو.ڪلاسڪ فٽبال ليگ جي چيئرمين حيدرعلي دائود خان چيو ته فيفا جي طرفان معطلي دوران پاڪستان فٽبال کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ سرگرمين ۾ اضافو ضروري آهي، ان سلسلي ۾ هڪ ڪوشش ڪندي پي ايف ايف سان گڏ هٿ ملائي رهيا آهيون، سي ايف ايل سان رانديگرن، آفيشلز ۽ ملڪي فٽبال سڀ بهتري ڏانهن سفر شروع ڪندا. هن ٻڌايو ته پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ عالمي ميچن ۾ ملڪ جي نمائيندگي ڪرڻ جو اعزاز رکندڙ رانديگر شامل هوندا. ملڪي سطح تي کيڏي ويندڙ ڊائمنڊ ۽ موقعو ملڻ تي منتظر گولڊ ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيا ويندا، ايونٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ٽيمون شرڪت ڪنديون

هي به ڏسي سگهو ٿا

وسيم اڪرم ڪراچي ڪنگ جو صدر بڻجي ويو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر وسيم اڪرم پي ايس ايل فرنچائز ملتان سلطان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے