18 اتوار , نومبر 2018

قرض معاف ڪرائندڙ 222 ڪمپنين کان هڪ هفتي ۾ تفصيلي جواب طلب

video of Shahbaz Sharif's house should be made: The direction of Chief Justiceاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ قرص معاف ڪرائيندڙ 222 ڪمپنين کان هڪ هفتي ۾ تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 19 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار 54 ارب رپين جا قرض معاف ڪرائڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته  قوم جا 54 ارب رپيه کائڻ باوجود اڃا تائين ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، پئسا به هضم، لينڊ ڪروزر ۽ ڪاروبار به هلي رهيو آهي، قرض باقيدارن جون ملڪيتون به ضبط ڪيون وينديون ۽ جيڪڏهن قوم جا پئسا واپس نه ڪيا ويا ته معاملا نيب حوالي ڪري ڇڏينداسين. وڪيلن جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست تي چيف جسٽس چيو ته هي اهم ڪيس ملتوي نه ٿو ڪري سگهي، روزاني بنياد تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي. وڪيلن عدالت کي درخواست ڪئي ته ايس اي سي پي ذريعي ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن جنهن تي عدلات رمارڪس ڏنا ته پبلڪ نوٽيس ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن ڪو نه ٿو اچي ته پنهنجي رسڪ تي نه اچي، جيڪي ڪمپنيون نه اينديون تنهن خلاف هڪ طرفي ڪارروائي ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ قرض معاف ڪرائيندڙ 222 ڪمپنين کان هڪ هفتي ۾ تفصيلي جواب گهرندي ٻڌڻي 19 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے