21 بدھ , نومبر 2018

چوٿين ٻار جو پيءُ بڻجڻ واري سوال تي شاهه رخ خان جو دلچسپ جواب

An interesting answer to Shahrukh Khan on the parent's questioning questionممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ بادشاهه شاهه رخ خان مداح طرفان چوٿين ٻار جي پيدائش جي باري ۾ پڇيل سوال جي جواب تي دلچسپ جواب ڏئي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. باليووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان ٽوئيٽر تي مداحن سان سوالن جي جوابن دوران ڪيترن ئي دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا. ٽوئيٽر تي ڪنگ خان کان هڪ مداح سندس چوٿين ٻار جي پيدائش جي حوالي سان سوال ڪيو،  مداح چيو ته هن هڪ خواب ڏٺو آهي ته شاهه رخ خان چوٿين ٻار  جو پيءُ بڻجي رهيو آهي. مداح جي اهڙي سوال تي جواب ڏيندي شاهه رخ خان چيو ته هن پنهنجي ننڍڙي پٽ ابرام جا ڪپڙا رڳو انڪري سنڀالي رکيا آهن ته توهان جو خواب سچ ثابت ٿئي ۽ ڪپڙا ڪم اچي سگهن. شاهه رخ خان جي اهڙي جواب مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته هو چوٿين ٻار جو پيءُ بڻجڻ چاهي ٿو، چاهي ٿو ته سندس گهر ۾ تمام جلد هڪ وڌيڪ ننڍڙي مهمان جي آمد ٿئي. ياد رهي ته شاهه رخ خان جا ٽي ٻار  آريان، سهانا ۽ ابرام خان آهن، شاهه رخ خان پنهنجي ٽئين ۽ سڀ کان ننڍي پٽ ابرام سان تمام گهڻي محبت ڪندو آهي ۽ هو فلمي سيٽ کان ويندي پرڏيهي دورن تائين ساڻس گڏ رهندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاليا ڀٽ پنهنجي شاديءَ جو انتظار ڪندڙن کي مايوس ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ پاڻ کي 25 سالن جي ٻڌائيندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے