17 ہفتہ , نومبر 2018

عمران خان جو نگران وزيراعظم کي خط، بجلي بحران تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ کي خط لکي بجلي جي صورتحال تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. نگران وزيراعظم کي لکيل خط ۾ عمران خان چيو ته نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته قوم کي اعتماد ۾ وٺي، 500 ارب گردشي قرض جي رقم بابت درست صورتحال ٻڌائي وڃي ڇو ته عوام جو حق آهي ته کين درست حقيقت جي خبر پوي. هن چيو ته پاور سيڪٽر ۾ ناڪامي جو ذميوار ڪير آهي، ته جيئن قوم کي خبر پوي ته ساڻن ڪيل واعدا ڪيتري قدر پورا ٿيا آهن. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب ڊاڪٽر مجاهد ڪامران جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نيب اڳوڻي پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجاهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے