15 جمعرات , نومبر 2018

شادي جي آڇ ڪرڻ تي رونيا ٽنڊن جو مداح کي دلچسپ جواب

Rana Tando's fan responded to the fascinating answerشممبئي(شوبز نيوز) ماضي جي پهرين جوڙ جي اداڪارا روينا ٽنڊن مداح طرفان شاديءَ جي پيشڪش ڪرڻ تي دلچسپ جواب ڏئي ڇڏيو  90 جي ڏهاڪي ۾ باليووڊ تي راڄ ڪندڙ اداڪارا روينا ٽنڊن انڊسٽري کي دلي والي، موهرا، کلاڙيون ڪا کلاڙي، زدي ۽ بڙي ميان ڇوٽي ميان سميت ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون ڏنيون. ان سبب سندس مداحن جو وڏو انگ کيس اڄ تائين کيس پسند ڪندو آهي ۽ سوشل ميڊيا ته هو پنهنجي مداحن سان رابطي ۾ رهندي آهي.، ان کان سواءِ هو اڪثر سماجي معاملن ۽ مسئلن تي پڻ ڳالهائيندي آهي جنهن  سبب هو اڪثر خبرن ۾ رهندي آهي. مشهور اداڪارا روينا ٽنڊن گذريل ڏينهن سماجي معاملن بابت هارين جي حوالي سان هڪ ٽوئيٽ ڪئي جنهن ۾ هن هارين سان همدردي جو اظهار ڪيو، جنهن هڪ مداح کي هن جي غريب هارين سان اهڙو رويو تمام گهڻو پسند آيو ۽ فوري طور تي هن  اداڪارا کي ٽوئيٽر تي شادي جي پيشڪش ڪري ڇڏي. روينا ٽنڊن مداح جي ٽوئيٽ تي دلچسپ جواب ڏيندي چيو ته هو معذرت ڪري ٿي توهان شادي جي پيشڪش ڪرڻ ۾ ڪافي دير ڪري ڇڏي ۽ ان کي 13 ورهيه گذري چڪا آهن. ياد رهي ته ماضي جي پهرين جوڙ جي باليووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن ۽ اڪشي ڪمار ويجها دوست هئا، پر ادڪارا اڪشي ڪمار جي جاءِ  فلم ڊسٽريبيوٽر انل ٽاڊاني سان شادي ڪئي جيڪو پنهنجي پهرين گهرواري کي طلاق ڏئي چڪو هو، روينا انل جا ٻه ٻار آهن ۽ ان کان سواءِ هن ٻن ٻارڙا هنجهه ورتو

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے