11 منگل , دسمبر 2018

نوجوانن ۾ جيڪا اميد هئي هو  ان تي پورو لٿا: انضمام الحق

He hoped in the youth to get it: inzam ul Haqلنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضام الحق چيو آهي ته انگلينڊ جي دوري لاءِ نوجوان رانديگري تي ٻڌل ٽيم اميدن تي پورو لٿي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي انضمام الحق چيو ته آئرلينڊ ۽ انگلينڊ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي لاءِ نوجوان ٽيم موڪلي وئي جنهن سبب سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، پر سريز جي پڄاڻي تي اهو ئي چوندس ته سريز مان تمام گهڻو مطمئن آهيان. چيف سليڪٽر چيو ته نوجوان رانديگرن ۾ پوٽينشل نظر آهي، جيڪڏهن انهن مٿان اعتماد ڪيو وڃي ته ٻن ورهين ۾ اهي ئي رانديگرن ورلڊ ڪلاس رانديگر بڻجي ويندا. چيف سليڪٽر انضمام الحق کي پنهنجي ڀائٽي جي چونڊ تي تمام گهڻي تنقيد برداشت ڪرڻي پئي جنهن تي هن چيو ته امام الحق هن لاءِ هڪ رانديگر جي حيثيت رکي ٿو هن جو ڌيان امام الحق تي پوري ٽيم جي ڪارڪردگي تي هوندو آهي. هن چيو ته امام الحق جي ڊبيو ڪرڻ سبب ريليڪس ناهيان ۽ نه ئي ٿي سگهان ٿو، پر ايترو ضرور چوندس ته امام پنهنجون صلاحيتون ڏيکاري جنهن سبب هو اڳتي وڃي سگهي ٿو. انضام الحق قومي ٽي جي اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق ۽ يونس خان جي غيرموجودگي جو حوالو ڏيندي چيو ته انهن ٻنهي ڪرڪيٽرن پاڪستان ٽيم کي ڪيترن ئي پاسن کان سنڀالي رکيو هو جن جي وڃڻ بعد اظهر علي ۽ اسد شفيق تي دٻاءُ وڌيو آهي. جنهن سبب هو اميدن تي پورو نه لٿا.چيف سليڪٽر اميد جو اظهار ڪندي چيو ته اظهر علي ۽ اسد شفيق ورلڊ ڪلاس پليئر آهن جن گذريل سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪيون هو اڳتي پڻ ڪامياب ٿيندا ۽ ٽيم جي بيٽنگ جو بار پنهنجي ذميدار ڪُلهن تي کڻندا. چيف سليڪٽر چيو ته ڪپتان سرفراز احمد ٽنهي فارميٽن کي بهتر انداز ۾ ليڊ ڪري رهيو آهي، پر ڪپتان هئڻ سبب هن مٿان دٻاءُ وڌڻ قدرتي عمل آهي، جستائين سندس پنهنجي ڪارڪردگي جي ڳالهه آهي ته ان کي وڌيڪ بهتري هئڻ گهرجي هو ان کان وڌيڪ بهتري ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ ٽيم جو اعلان

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز )سريلنڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ نيوزيلينڊ ٽيم جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے