14 بدھ , نومبر 2018

عيد الفطر جي سرڪاري موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزارت عيد الفطر تي چئن سرڪاري موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي گهرو وزارت طرفان عيدا الفطر جي موڪلن جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب عيد الفطر تي 15جون جمعي واري ڏينهن کان 18 جون سومر تائين موڪل هوندي. گذريل ڏينهن گهرو وزارت عيد الفطر لاءِ 5 موڪلن جي سمري تيار ڪئي هئي جنهن ۾ 14 جون کان 18 جون تائين موڪلن جو چيو ويو پر گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ هاڻي 14 جون بدران 15 جون کان 18 جون تائين موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بحريا ٽائون ڪيس: فيصلي تي هن سال ئي عمل ڪرايو ويندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي رهواسين کي هر صورت ۾ تحفظ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے