14 بدھ , نومبر 2018

رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ وارو معاملو. گهرو سيڪريٽري کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت

Rao Anwar's house sub-contractual deal. Guidance to submit reply to the Home Secretaryاڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي نقيب الله محسود قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ بابت لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. گهرو سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جواب نه آيو موجود ريڪارڊ موجب فيصلو ٻڌائينداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 20 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.  رائو انواز جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ لاءِ گهرو سيڪريٽري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.  رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ خلاف نقيب الله محسود جي والد درخواست داخل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے