19 پیر , نومبر 2018

پريانڪا کي نڪ جي سرجري سبب 7 فلمن تان هٿ کڻڻو پيو: ڪتاب ۾ انڪشاف

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي پهرين جوڙ جي ادڪارا پريانڪا چوپڙا نڪ جي غلط سرجري ڪرائڻ سبب 7 فلمن تان هٿ کڻي ورتا .ويجهڙائي ۾ پريانڪا چوپڙا جي حياتي تي لکي ويندڙ ڪتاب ”پريانڪا چوڙا: دي ڊراڪ هارس“ ۾ ڪيترائي انڪشاف ڪيا ويا آهن. ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پريانڪا چوپڙا کي باليووڊ ڊبيو کان اڳ ئي ڪيترين ئي فلمن تان هٿ کڻڻا پيا هئا. جنهن جو سبب نڪ جي سرجري هئي جڏهن سرجري سبب نڪ جي هڏي خراب ٿي وئي هئي. عورت صحافي ڀارتي ايس پرڌان جي لکيل ڪتاب موجب پريانڪا چوپڙا کي سڀ کان اول اداڪار بوبي ديول سان مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي ۽ ان فلم کي هدايتڪار مهيش منجريڪر ڊائريڪٽ ڪري رهيو هو. فلم جي عڪسبندي واري ڏينهن اداڪارا جي مينيجر فلم پروڊيوسر وجي گلاني کي ميڪ اپ روم ۾ پريانڪا سان ملاقات جو چيو هو جڏهن ميڪ اپ روم ۾ ويو ته اداڪارا کي ڏسي حيرت ۾ وٺجي ويو.  ڪتاب ۾ پروڊيوسر لکيو آهي ته هو اداڪارا کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ اداڪارا کان سوال ڪيو  جنهن تي هن نڪ جي ٺيڪ  ٿيڻ لاءِ هڪ مهيني جو وقت گهريو پر هڪ مهيني بعد به هن جو نڪ ٺيڪ نه ٿي سگهيو جنهن سبب فلم کي بند ڪيو ويو. ميپ اپ آرٽس به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته خراب سرجري سبب اداڪارا 7 کان 8 مهينن تائين فلمي دنيا کان پاسيرو رهي. اداڪارا جي پهرين باليووڊ جي ”دي هيرو“ هئي جنهن جو هدايتڪار انيل شرما سرجري سبب کيس فلم مان ڪڍڻ جو منصوبو ٺاهي چڪو هو پر مينيجر جي درخواست تي کيس فلم سني ديول جي مقابلي ۾ ڪرادار ادا ڪرڻ ڏنو ويو. ياد رهي ته پريانڪا چوپڙا جو شمار باليووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي جنهن هاڻي هاليووڊ ۾ به پنهنجي ڪاميابي جا جهنڊا کوڙڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جتي هو ٽي وي سريز ڪوائنٽڪو  کانسواءِ فلمن جي شوٽنگ ۾ پڻ مصروف آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے