20 منگل , نومبر 2018

مان وڏي ٿي ليڪچرار بڻجي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي ڪم ڪندس

انٽرويو : ساجد مسڻ

پيارا ٻارو اڄ اسان اوهان کي هڪ ننڍڙي ذهين ۽ حساس طبيعت جي مالڪ شاگردياڻي سان گفتگو ڪرائينداسين، جيڪا پنهنجو مقصد ماڻڻ لاءِ اڄ به اٽل آهي، هوءَ پُر اميد آهي ته مان پنهنجي منزل پنهنجي والد صاحب جي خواهش مطابق صرف ئي صرف محنت وسيلي ئي حاصل ڪندس، ڪنهن به سفارش يا پئسي جي زور تي نوڪري نه وٺندس. اچو ته اڄ هن ننڍڙي سان ڳالھ ٻولهه ڪيون

 

سوال 1. توهان  پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو؟

جواب. منهنجو نالو مهوش الطاف ولد الطاف حسين ذات ڊکڻ آهي، مان پنهنجي اباڻي ڳوٺ راضي خان ڊکڻ ۾ تاريخ 09.11.2007ع تي جنم ورتو،جڏهن ته منهنجو والد صاحب واپدا ۾ لائين مئن آهي، انڪري بابا سائين اسان جي لاءِ معياري تعليم  کي نظر ۾ رکندي پنهنجي بدلي ڏوڪري مان لاڙڪاڻي ڪرائي،هن وقت اسان جي رهائش واپدا ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ آهي، آءُ هن وقت ڇهين ڪلاس ۾ لاڙڪاڻي جي مئپس هاءِ اسڪول ۾ تعليم پرائي رهي آهيان.

 

سوال2. توهان هن وقت تائين ڪيترا انعام کٽيا آهن؟

جواب آءُ ننڍپڻ کان وٺي هن وقت تائين ڪيترائي انعام کٽيا آهن،والدين جي دعا سان سدائين پهرين پوزيشن منهنجي حصي ۾ ايندي آهي، انعامن ۾ ڪپ، ميڊل، ٽرافيون ۽ ڪتاب شامل آهن انشاءَ  الله تعالي’  مستقبل ۾ به کٽڻ جي اميد آهي.

 

سوال 3. جڏهن ڪلاس ۾ ڇوڪريون، ڇوڪرن کان وڌيڪ هوشيار هونديون آهن ته ڇوڪرن جو ڪهڙو رد عمل هوندو آهي؟

جواب. جي ها اها حقيقت آهي ته ڪلاس ۾ ڇوڪريون بلڪل ڇوڪرن کان وڌيڪ هوشيار ۽ ذهين هونديون آهن، پر روايتي طور تي ڇوڪرن ۾ به حسد پيدا ٿيندو آهي، ان جو وڏو سبب اهو آهي جو ڇوڪرا گهرن ۾ محنت گهٽ ڪندا آهن، اڄ ڪالھه جي ڇوڪرن کي آءُ هر وقت وڏي ٽچ موبائيل هٿ ۾ هلائيندي ڏسندي آهيان، سڄو ڏينهن فيس بوڪ جي پٺيان پنهنجو قيمتي وقت برباد ڪندي نظر اچن ٿا، پوءِ وري آخر اسان ڇوڪرين سان اجايو ساڙ ۽ بغز رکندا آهن، جنهن ۾ به انهن جو پنهنجو ئي نقصان آهي، ڇاڪاڻ جو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن سازش کي منهن ڏيڻ لاءِ نه صرف پنهنجو وقت پر توانائي به وڃائين ٿا.

 

سوال4. اوهان سان والدين جو ڪهڙو سلوڪ هوندو آهي؟

جواب. اڳئين زماني ۾ ڇوڪري کي ڇوڪريءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت ۽ عزت ڏني ويندي هئي، پر هاڻي اهو امتيازي سلوڪ ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪو آهي، پر اڪثر ڪري ڳوٺن ۾ اها روايت اڄ به برقرار آهي، منهنجي گهر ۾ منهنجي والدين جو رويو عزت جوڳو ۽ تعريف جي لائق آهي، آءُ جنهن شيءِ جي ضرورت محسوس ڪندي آهيان، اها شيءِ منهنجو مٺڙو بابا سائين مونکي بنا ڪنهن دير جي حاضر ڪري ڏيندو آهي، منهنجي اها خواهش آهي ته شل ائين ئي هر والدين پنهنجي نياڻين جي جائز خواهش ۽ مطالبا مڃيندا رھن ،جئين منهنجيون ٻيون ڀينر احساسِ محرومي کان بچي سگهن.

 

سوال5. تعليم پرائڻ ۾ اوهان کي مڪمل سهڪار ڪنهن جو آهي؟

جواب. تعليم پرائڻ جي حوالي سان مونکي مڪمل سهڪار پنهنجي ئي والد محترم الطاف حسين ڊکڻ جو آهي، پر منهنجي تعليم پرائڻ ۾ منهنجي جيجل ماءُ جو به ايترو ئي سهڪار شامل آهي، مونکي جنهن به شيءِ جي ضرورت پوندي آهي ته منهنجو بابا سائين بنا ڪنهن دير جي مونکي حاضر ڪري ڏيندو آهي،اڄ تائين ڪا به اهڙي خواهش اڻپوري ناهي رهي.

 

سوال 6. بنيادي طور تي اوهان جو تعلق هڪ ڳوٺ سان آهي، اوهان ڪيتري تعليم حاصل ڪري سگهندو؟ 

منهنجي مهربان بابا سائين جو چوڻ آهي ته ٻچا اوهان جيتري تعليم پرائي سگهو آءُ اوهان کي اوتري ئي تعليم ڏياريندس، منهنجو بابا سائين روشن خيال ۽ هن ترقي يافته دور سان اٿندڙ ويهندڙ ماڻهو آهي، هاڻي اهو زمانو ناهي رهيو جو جڏهن نياڻي کي پرائمري جا پنج درجا پڙهائي گهر ۾ ويهاريو ويندو هو، هاڻي ته ڇوڪريون به پي-ايڇ-ڊي ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ به وڃن ٿيون.آءُ يونيورسٽي ليول تائين تعليم پرائيندس.

 

سوال7. ڇوڪريءَ جي حيثيت سان گهر ۾ ماءُ کي گهرو ڪم ڪرائڻ ۾ مدد ڪرائڻ ۾ ضرور اوهان جو وقت ضايع ٿيندو هوندو، اوهان ان مسئلي کي ڪيئن حل ڪندا آهيو؟ 

جواب. ها يقينن گهر ۾ امي کي مدد ڪرائڻ ۾ وقت ته ضايع ٿيندو آهي پر مان ان جو پورائو ڪري ويندي آهيان، محنت کان سواءِ ڪو ٻيو حل ئي ناهي، هي محنت ڪرڻ جو دور آهي، اسان کي پنهنجا استاد ٻڌائيندا آهن ته صرف محنت ئي ڪاميابي جو رستو آهي، آءُ محنت ڪندي رهندي آهيان ان لاءِ ته مستقبل لاءِ به پر اميد آهيان.

 

سوال 8. ڇوڪريون هونئن به ڊرائنگ ۾ دلچسپي رکنديون آهن، ڇا اهڙي دلچسپي اوهان ۾ به آهي؟ 

جواب. جي ها سوال ته دل وٽان ئي ڪيو اٿو، بلڪل منهنجيون سھيليون به ڊرائنگ ڪنديون آهن، ڊرائنگ ڪرڻ ڇوڪرين لاءِ ڄڻ مشغولي هوندي آهي، آءُ به ڊرائنگ ڪندي آهيان گهڻو ڪجهه ٺاهيو آهي، پر دوستن کي ڏئي ڇڏيندي آهيان، باقي هڪ پئنٽنگ موجود آهي، اها اوهان کي ڏيکاريان ٿي.

 

سوال 9.اوهان جي زندگي جو مقصد ڪهڙو آهي؟ 

جواب. هر انسان جي زندگي جو ڪو نه ڪو  مقصد هوندو آهي، بي مقصد زندگي ته جانور ئي گذاريندا آهن،الله سائين انسان کي عقل جي دولت سان مالا مال ڪيو آهي، انڪري هر انسان جي زندگي جو مقصد هوندو آهي. منهنجي زندگيءَ جو مقصد سنڌي سبجيڪٽ جي ليڪچرار ٿيڻ آهي، مونکي تعليم واري شعبي سان بي انتها پيار آهي، آءُ انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ضرور ويندس، اتي داخلا ئي سنڌي شعبي ۾ وٺندس، داخلا وٺڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب تي ئي ڪم ڪندس، اڄ به ڪيتريون ئي سنڌي ليکڪائون اسان وٽ موجود آهن، جيڪي ڪالم، شاعري ۽ مضمون لکنديون رهن ٿيون، جن کي سڄي سنڌ سڃاڻي ٿي، مان به پنهنجو ۽ پنهنجي والدين جو نالو پوري سنڌ ۾ روشن ڪرڻ چاهيان ٿي.

 

سوال 10.پڙهندڙ لاءِ آخر ۾ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو؟ 

ج: آءُ آخر ۾ پنهنجي ڀينرن کي اهو پيغام ڏيندس ته والدين جي اعتماد کي ڪڏهن به نه ٽوڙيو،پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيو، وقت تمام اهم ۽ قيمتي آهي ان ۾ ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجو مستقبل سنواريو، وقت گذرڻ کان پوءِ اوهان وٽ سواءِ پڇتاءُ جي ٻيو ڪجهه به نه رهندو،زندگي ۾ ڪڏهن به پنهنجي مرضي جا وڏا فيصلا  پاڻ نه ڪندا ڪيو، والدين کي ئي مڪمل اختيار ۽ رضامندي ڏيندا ڪيو، اهي ڪڏهن به پنهنجي اولاد جا دشمن نه هوندا آهن. نه ئي اهڙو فيصلو ڪندا، جيڪو سندن اولاد جي خلاف هجي،  زندگي جو ٻيو نالو صبر آهي، صبر ۾ ئي بهتري آهي،انڪري جيڪڏهن زندگي ۾ ڏک به اچي وڃن ته انهن کي عارضي سمجهي بردباري ۽ حوصلي سان منهن ڏيو ۽ صبر سان ئي زندگي جيئندا رهو…

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے