20 منگل , نومبر 2018

ٿڪ کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي

حڪيم نذير احمد شيخ

ٿڪُ هڪ اهڙي ڪيفيت ۽ تصور آهي، جنهن کي وضاحت سان بيان نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ٿڪ جي حوالي سان هر ڪنهن جو پنهنجو خيال ۽ اندازو آهي، ڪنهن ماڻهو کي ڪهڙي شئي يا ڪم مان ٿڪ ٿيندو آهي هر ماڻهو جي مزاج مختلف آهي، جيئن اڪثر ماڻهن کي رات جو تيستائين ننڊ نه ايندي آهي، جيستائين هڪ ڪوپ چانهه جو نه پيئن، عام طور تي ائين آهي جن ماڻهن کي رات جو دير تائين جاڳڻو هوندو آهي ته اُن صورت ۾ چاءِ پيئندا آهن. جيئن شاگرد امتحانن جي راتين ۾ دير تائين پڙهڻ جي صورت ۾ چانهه جو ڪوپ پي جاڳندا آهن يا ڊرائيور اڪثر رات جو گهڻي چانهه ان ڪري پيئندا آهن ته گاڏي هلائي سگهن. پر هي حقيقت ته طئي آهي ته جنهن ماڻهو جي رات ننڊ پوري نٿي ٿئي، اُن کي ڏينهن جو ٿڪ لازمي ٿئي ٿي ۽ ڪو به ڪم ڪار هو صحيح طريقي سان ڪرڻ جي قابل نٿو رهي، مايوسي پريشاني، فڪرات، حادثات ۽ ذهني ڪمزوري جو پڻ جسماني ٿڪاوٽ سان ويجهو تعلق آهي، ڪن ماڻهن جي طبيعت ۾ ننڍي هوندي کان ئي ٿڪاوٽ سستي ۽ ڍلائي شامل هوندي آهي هر ڪم اڻ پورو ۽ بي دليو ڪندا آهن، احساس ذميداري محسوس نه ڪندا آهن هر ڪم کي پنهنجي مٿان وزن ۽ ٻوجهه سمجهندا آهن، جڏهن کان اوچتو ذميداري مٿي تي اچي وڃي ته گهڻي تڪليف محسوس ڪندا آهن طبي لحاظ کان جسماني ٿڪاوٽ جا مکيه هي به سبب ٿي سگهن ٿا رت جي گهٽتائي ڪمزوري،بک جو نه لڳڻ، ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ ۾ دل نه لڳڻ، ، جسم ۾ فولاد جي گهٽائي ٿيڻ جنهن جي خاص نشاني اکين جي هيٺان ڪارا حلقا ٿيڻ، اکيون ۽ ننهن اڇا ٿيڻ، ننڊ جي گهٽتائي ٿيڻ ڪن عورتن کي حمل دوران پڻ ٿڪ محسوس ٿيندو آهي، ان لاءِ هن کي فولڪ ائسڊ جي گولي رات جو کير سان کائڻ گهرجي.

موجوده دور ۾ رات جو دير تائين فيس بڪ، موبائل يا ٽي وي ڏسڻ لاءِ جاڳڻ جو رواج آهي، نتيجي طور صبح جو سوير اٿي اسڪول يا ڪاليج يا ڪنهن ڊيوٽي تي وڃڻو آهي ته ننڊ پوري نه ٿيڻ سبب لازمي طور تي ٿڪ ڏينهن جو محسوس ٿيندو خاص ڪري ٻارن کي صبح جي وقت پڙهائي ۾ پورو سبق ذهن ۾ نه ويهندو آهي، جن گهرن يا خاندانن ۾ ٻارن جي آرام ۽ ننڊ لاءِ ڪو طريقو ۽ فائدو قانون ۽ روايت مقرر نه آهي ۽ دير تائين جاڳڻ فيشن ۾ شامل آهي، انهن گهرن ۾ ٿڪ ۽ سستي گهڻي مقدار ۾ ملندي، ٿڪ جو اثر جسم جي هر حصي ۽ عضوي ۾ سور ۽ بي فرحتي Uneasy محسوس ٿيندو آهي، ڪجهه ماڻهو آرام ڪري ۽ ننڊ پوري ڪري ٿڪ ختم ڪرڻ بجاءِ وقتي سور ختم ڪرڻ واريون گوليون کائي گذارو ڪندا آهن، جيڪو هر لحاظ کان غلط طريقو آهي، ٿڪ هوندي گاڏي هلائڻ ۽ سفر ڪرڻ خطري کان خالي نه هوندو آهي، ڊرائيونگ هميشه تڏهن ڪجي جڏهن ماڻهو ذهني ۽ جسماني طور توازو توانو ۽ فريش هجي، ڪجهه بيمارين ۽ دوائن کائڻ جي منفي اثرن سبب پڻ جسماني ۽ ذهني ٿڪ ٿيندو آهي، پنهنجي جسماني طاقت ۽ عمر کي نظر ۾ رکي پوءِ ڪم ڪار يا ڊيوٽي ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي پاڻ تي جبر ۽ زور ڪري جان کي تڪليف ڏيئي هرروڀرو به ڪم پورو ڪرڻو آهي ائين ڪرڻ سان جسماني قوت مدافعت ڪمزور ۽ سست ٿييندي، ڪنهن به ڪم ۽ ڊيوٽي ڪرڻ دوران ڪجهه دير لاءِ جسم خاص طرح اکين کي آرام ڏيڻ ضروري آهي،

ڪجهه انفيڪشن جي جسم ۾ هئڻ سبب پڻ ٿڪ ٿيندو آهي، گهڻي بيماري ڪاٽڻ ۽ هڪ جاءِ تي بستري تي پوڻ سبب پڻ جسماني ٿڪ ٿيندو آهي، پريشاني ۽ ڊپريشن جي مريضن تي ٿڪُ ۽ سستي جلد پنهنجو اثر ڄمائي ٿي. سياري جي موسم ۾ به ڪن ماڻهن کي ذهني ۽ اعصابي ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي ۽ معمول وارو ڪم ڪار تيزي سان نه ڪري سگهندا آهن. ذيابطيس (شگر) جي بيماري سبب پڻ جسم ٽٽل ۽ ٿڪل رهندو آهي، شگر ڪنٽرول ۾ هوندي آهي ته طبيعت بحال رهندي آهي، ٿڪاوٽ جنهن کي انگريزي ۾ Fatigue چئبو آهي، ان جي بذات خود ختم ڪرڻ جو ڪو علاج ناهي، البته ان سبب ٿيل علامتن جو صحيح علاج ڪجي ته ٿڪاوٽ ختم ٿي سگهي ٿي.

علاج ڪرائڻ کان اڳ ذهني طرح تيار رهڻو آهي ته زندگي کي خوش و خرم ۽ پريشانين کان پري Fatigue Free ٿي گذرڻو آهي، مناسب متوازن غذا کاڌو خوراڪ کائڻي آهي جيتري آساني سان هضم ڪري سگهجي، اوتري کائجي، پنڌ ۽ ورزش ضرور ڪجي، مڪمل ۽ پوري گهري ننڊ ڪجي. ڪافي سببن جي ڪري ڪڏهن جسم ۾ حياتين ۽ معديات Minerals & Vitamin جي گهٽائي ٿيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ ۽ جسم ۾ ٽوٽ محسوس ٿيندي آهي، غذا کاڌ خوراڪ جيڪا سٺي ۽ صحيح هجي ان مان جيڪا طاقت توانائي انسان کي حاصل ٿئي ٿي، اها ڪنهن دوا مان حاصل ٿيڻ ممڪن نه آهي، ورزش ۽ پنڌ ڪرڻ سان انسان جي جسم ۾ طاقت توانائي ۽ حرڪت اچي ٿي ۽ ٿڪاوٽ دور ڪرڻ جو قدرتي علاج پڻ آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے