18 اتوار , نومبر 2018

ڪٿي هن درد کي رکجي؟

سنيتا راٺوڙ

سماج ٺوس مادي وجود ٿو رکي انڪري قومون توڙي سماج ازل کان وٺي مادي مفادن جي تابع رھنديون آيون آھن۔ ڇاڪاڻ ته انکاسواءِ نه سماج اڳيان وڌي ٿو سگھي نه ئي پيداواري سماجي عمل ارتقا جي پيچيده، اڻانگھي سفر جا معروضي ڏاڪا طئي ڪري اڳيان ٻرانگھون ڀري ٿو سگھي۔ انڪري تھذيبي ثقافتي انسان ،جنھن جو آغاز اينٿراپالاجي علم مطابق سنڌ مان ٿيو ان ھڪ نئين انساني تھذيب کي جنم ڏنو جنھن جي فطري ڪک مان نئون انساني ظابطه حيات وجود پذير ٿيو۔ ھتي سنڌ جي تاريخ جي اوائلي دور عروج تي ڳالھائڻ مان مراد تاريخ تي بحث ڪرڻ ناھي پر سنڌ جي موجوده فرعونيت جي نسبت سان انجو تعلق جوڙي ڏسڻ سان آھي۔ ته آڳاٽي دور جي تھذيب جتي ماڪوڙي کي مارڻ به وڏو گناھ تصور ڪيو ويندو ھيو،ماڻھو عدم تشدد جي مڪتب فڪر جا پرچارڪ ھيا ۽ اڄ اھا تھذيب يافته سنڌ ڪيڏي نه زوال پذير شڪل اختيار ڪري چڪي آھي جنھن جا مختلف ڏور رس مادي سبب آھن۔ موجوده جديديت پڄاڻان دور جو انسان احساسن آدرشن،کان وانجھيل بيحسي جو مجسم بڻجي چڪو آھي انڪري ئي اھڙي بدترين انساني حقن جي توھين جو راڄ قائم ٿيو آھي جتي ماڻھو سرمائيداري جي عالمگيريت جي لاڙن جي تشھير جي اثر ھيٺ يرغمال بڻجي مارڪيٽ اڪانومي جو وکر وٿ بڻجي ويو آھي جنھن وٽ نه انساني اخلاقي،تھذيبي قدر آھن نه ئي سماج کي متوازن رکڻ بابت اونو اٿس۔ اھڙي بي حسي جي بازار ۾ ٽي سال ۽ ھڪ مھينو اڳ مون پنھنجو جيون ساٿي وڃايو ھيم جنھن کي حيدرآباد جي پوليس شريف پنھور ڄاڻائي ٻنھي ڄنگھن ۽ ٻانھن ۾ 15 گوليون ھڻي تاحيات لاءِ معذور بڻائي ڇڏيو۔ جڏھن مونکي اھا خبر پئي ته ديپڪ کي گوليون لڳيون آھن ۽ ھو زندگي موت جي جنگ پيو وڙھي ته منھنجي پيرن ھيٺيان زمين کسڪي وئي منھنجو ساھ بند ٿيڻ لڳو ان مھل جيڪا منھنجي ذھني ڪيفيت ھئي انکي مان لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگھان۔ انجو ادراڪ صرف محبت ڪندڙن کي ٿيندو آھي۔ ديپڪ سان مان جيڪي خواب سيني ۾ سانڍي نڪتي ھيس انکي اکين آڏو ٽٽندي ڏسي جيئڻ تان ارواھ کڄي ويو سوچيندي رھيس ۽ اسپتال تائين پھچندي ڪيترائي منفي خيال ذھن تي تري آيا ته زندگي واقعي ڪيڏي نه بيثبات آھي جنھن جو ڪو دوام ئي ناھي۔ انساني زندگي اميدن کان وڌيڪ تيز رفتار ڊوڙندي آھي جنھن جي ڪٿ ڪرڻ ڪنھن سائنسدان جي وس ۾ به ناھي۔جرمني فيلسوف فريڊرڪ نٽشي چواڻي ته جياپي کي پنھنجي جدليات ٿيندي آھي پر ان جي ڪٿ ڪئين ڪجي ان بابت ڪا به راءِ نه قائم ٿي سگھي آھي نه ئي مستقبل ۾ ٿي سگھي ٿي.

قصو ڪوتاھ آئون جڏهن اسپتال پھتس ته ديپڪ جو سمورو زخمي جسم ڏسي اندر مان دانھن نڪري وئي جنھن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ بنهھ اوکو آھي پوليس جي قھري ڪاروائي ديپڪ سان گڏ منھنجي ۽  اسانجي معصوم ننڍڙي پٽ جي زندگي به مفلوج بڻائي ڇڏي سوچيو ته ھڪڙو ٻن سالن جو ٻار جنھن جون آسون اميدون پنھنجي بابا سان جڙيل ھونديون آھن ته ھو سندس آڱر جھلي ھلندو ان سان انگل ڪندو پر جڏھن ھڪڙو ٻار ننڍپڻ کان ئي پنھنجي بابا کي بستري تي پيل ڏسي ته انجي اندر ڇا گذريو ھوندو، انجو ادراڪ به حساس انسانن کي ٿيندو آھي انھي جيءَ جھوريندڙ واقعي اسانجي ٻار جي ذھن تي انتھائي ناڪاري اثر ڇڏيا آھن پر ڪري به ڇا ٿو سگھجي؟ گذريل ٽن سالن کان مان پنڌ ۾ آھيان ڪنھن جو در ناھي ڇڏيو پر ڪٿان به منھنجي درد جي سڏ کي ڪنھن ورنائڻ جي شعوري احساساتي ڪوشش ناھي ڪئي. گذريل سنڌ حڪومت کي اپيلون ڪيم، آءِ جي صاحب کي درخواستون موڪليم،سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪيم پر ڪنھن به نوٽس نه ورتو۔ اھو ڪيڏو نه وڏو سنڌ جو الميو آھي جو اسانکي اھڙا حڪمران ڳچي ۾ لڳا آھن جنھن وٽ داد فرياد ڪا اھميت ئي نٿي رکي. مان پنج دفعا سنڌ اسيمبلي ڏانھن رخ ڪيم جتي اقليتي نمائيندي مڪيش چاولا خاطري ڪرائي ته آئون وزيراعلي صاحب کان منظوري وٺرائي پرڏيھ علاج لاءِ موڪلائي ڏيندس پر ڪيل وعده وفا نه ٿي سگھيا خيرن سان سنڌ حڪومت به وڃي گھر ڀيڙي ٿي.

ديپڪ ته بيڏوھي ھيو جنھن تي پوليس ڪي به ڪيس ظاھر نه ڪري سگھي نتيجي ۾ ڪيس سندن ڳچي ۾ ڦاسي پيو پر ڇا عدالتن کان مٿانھان قدم کڻڻ جو پاڪستاني آئين اجازت ڏي ٿو؟ ڪرمنالاجي جا ماھرن ھڪڙي نقطي تي متفق آھن ته تشدد سان مستقل امن قائم نٿو ڪري سگھجي ڇاڪاڻ ته تشدد جو ردعمل تشدد کي جنم ڏيندو آھي انڪري جڳ مشھور نفسيات دان نڪولس گارٿ ھر معامري جا پيرا نفيساتي مونجھارن ۾ ڳولڻ تي زور ٿو ڏي ء انجي سائنسي ڇنڊڇاڻ جو رستو ڏسي ٿو.

ديپڪ سان ٿيل ويڌن جو قانوني طور ته ڪو تدارڪ نه ٿي سگھيو پر علاج لاءِ به انتظامي اختياريون قدم کڻڻ لاءِ تيار ناھن سندس ھڪ ڄنگھه گوڏي کان مٿان ڪپيل آھي ۽ ساڄي ٻانھن ڪم نٿي ڪري باقي ھڪ ڄنگھه جنھن جا پنج وڏا آپريشن ٿي چڪا آھن پر ڪنھن به قسم جي بھتري اچڻ بجاءِ ويتر ڄنگهھ جي حالت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي وڃي. اسان جو ڪو وڏو مطالبو ناھي اسان صرف سنڌ حڪومت کي ايترو ٿا چئون ته ديپڪ جو پرڏيھه مان علاج ڪرائي ڏيڻ لاءِ ھنگامي بنيادن تي اپاء وٺي ته ھڪ دفعي ٻيھر اسان ھڪ صحتمند زندگي گذاري سگھون پر پ پ حڪمرانن مان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آھي ٻي ھتي اھم ڌيان ڇڪرائيندڙ ڳالھه ڪنديس ته جئين ٻين جون زندگيون اسان محفوظ بڻائي سگھون۔ پوليس توڙي ڪنھن به رياستي اداري کي اھا قطعي اٿارٽي مليل ناھي ته اھي ادارا جيڪي معاشري جي تحفظ لاءِ وجود پذير ٿيا ھجن ۽ پنھنجن اختيارن جو ناجائز ۽ بي دريغ استعمال ڪن۔عدالتن کان مٿڀرا قتل انساني حقن جي بدترين توھين آھي۔ extra judicial killings جو تصور ھونئن به ٽين دنيا ۾ سگھارو آھي ڇاڪاڻ ته ھتان جو معاشرو مجموعي طور تي اذيت پسند آھي ھت اديب توڙي مختلف انساني شعبن ۾ خدمتون سر انجام ڏيندڙ انساني حقن جي علمبردارن وٽ ساڳيو دھشت پسندي خوف وارو حل نظر ايندو جنھن مان سماج جي جھالت پڻي کي پسي ٿو سگھجي۔ سماجي نفسيات کان اڻواقف جاھل معاشره پنھنجي آواز کي خود دٻائيندا آھن جئين سنڌ جي دانش ڦاھين عبرتناڪ سزائن جا مطالبا ڪندي اڪثر نظر ايندي سندن وٽ ڪا ڏور رس حڪمت عملي ھوندن نه وري ڪا مستقل سگھاري سنجيدگي ڏسڻ وٽان ملندي۔ ھي سماج Aggressive and assertive توڙي نج sadistic  آهي، ڪنهن به ڏوهاري توڙي انسان کي قتل ڪرڻ يا معذور بڻائڻ جو انساني حقن جو عالمي قانون مطابق رياستي عدالتن کي به ڦاهي ڏيڻ جي اٿارٽي حاصل آهي ته پوليس جيڪا اسان جي چوڪيدار محافظ آهي ان کي اهو حق ڪنهن بخشيو آهي؟ ان ڪري اچو ته راءِ عام جوڙيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے