23 منگل , اکتوبر 2018

امان ڏانهن نياپو

حميده گهانگهرو

ڇرڪ ڀريم اک کلي وئي ۽ ذهن جي جهنڪار ۾ هڪ گونج ٻڌڻ ۾ آئي

مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو

پيار منجهان ٿي گود ويهاريو

خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو

منهنجي امڙ

ننڍڙي هوندي جو پڙهيل هي گيت ذهن جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ سمايل هو، سوچيندي رهيم پر وري يادگيرين جي ورقن کي جڏهن کوليم ته مٿان مٿان رکيل انهيءَ پني تي نظر پئي جنهن تي لکيل هو،او منهنجي امڙ تون ڪٿي آهين  ڇا تون ڳولڻ سان لڀندينءَ يا سڏ ڏيڻ سان سڏ ملائيندينءَ، ڪهڙي ادا سان توکي ڪوٺيان جو اکيون بند ڪيان ٿي ته تون نظر ٿي اچين ۽ اکيون کوليان ٿي ته تنهنجي گونج ڪنن ۾ گونجار ٿي ڪري، تنهنجي رشتي جي اها سچائي اونداهه ۽ روشني ٻنهي ۾ موجود هئڻ جو احساس ڏياري ٿي ۽ امان اڄ الائي ڇو تون ڏاڍو ياد ٿي اچين.

مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته پنهنجي ڇپر ڇانوَ يعني جهول ۾ وهاري تمام گهڻي پيار ۽ پاٻوهه سان اکين م اکيون ملائي ڏسڻ انهن محبت ڀرين نگاهن ۾ اها ڪهڙي ڪشش هئي جو سڄي عمر لاءِ اعليٰ مقام ۽ جذبي سان ڀريل اها مامتا واري شفقت وسري نٿي، تنهنجي هٿن جي اها لذت جنهن سان تون ننڍڙي هوندي ڪٽيون ڀوري کارايون ۽ گوڏي تي سمهاري لوڏا ڏئي ننڊ ڪرائي، ان جهول جو جهولو ڪيڏو نه سرور وارو هو جو دنيا جي هر ڏک کان بي خبر ٿي اکيون بند ڪري ڪن به ناخوشگوار لمحن کان بچائي رکيو. اسڪول وڃڻ کان اڳ چانهه جي ڪوپ ۽ پراٺي جي لذت ۾ سڄو ڏينهن بک کان بي خبر ٿي پڙهائي ۾ مشغول رهڻ اسڪول واپسيءَ تي ماني اڳ تيار ڪري پوءِ جهليءَ جي هوا هيٺان کٽ رکي سمهارڻ اُهي سڀ ڳالهيون ڪيئن وسرنديون، جن زندگيءَ جي ڏاڪي به ڏاڪي اڳتي وک وڌائڻ ۾ پنهنجو فرض نڀائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي.

امڙ جو لفظ ڇا ايڏو مٺو هوندو آهي جو ٻيو ڪو لفظ زبان تي اچي ئي نٿو، ان ڪري جو اڄ جڏهن هڪ خوفناڪ خواب نظر آيو ته اک کلندي بي ساخته زبان تي هڪ ئي لفظ اُڪري آيو ”امڙ منهنجي!“.

امڙ لفظ جي مٺاس واري تپش هڪدم اکيون کولي ڇڏيو، ڇا امڙ ڏکن جي اونهي سمنڊ ۾ اوتري ئي مضبوط ۽ باهمت آهي جو ڊنل ٻچڙن لاءِ به سهارو بڻجي.

امان تون ان وقت ڏاڍو ٿي ياد اچين جڏهن منهنجي ڀنل اکين مان وهندڙ لڙڪ اگهڻ لاءِ انتظار ڪندي ڪندي اچي جهول ۾ ڪرن ٿا، خبر ان وقت پوندي آهي جڏهن چولي جو دامن ڀرجي ڳوڙها وهائڻ شروع ڪندو آهي.

امان! تون دنيا جي اها هستي آهين جيڪا سڀ سور پاڻ تي سهي رئي جي پلئه سان جڏهن ٻچڙن کي ڍڪيندي آهي ته ايئن سمجهندي آهين ڄڻ سڄي ڪائنات جي اس، تپش کان کين ڍڪي بچائي رهي هجين، ها امڙ جي رئي ۾ بلڪل اهڙي ڇانوَ آهي. هڪ ڏينهن تنهنجي گهر هڪ ڌيءُ ڏهاڳڻ ٿي آئي، تنهنجي زندگيءَ ڪائنات ڌرتي جا سڀ خوبصورت رنگ انڌيري ۾ گم ٿي ويا، شايد تنهنجي صدمي جي اها ڪيفيت هئي جنهن لاڏ، ڪوڏ، پيار پاٻوهه مان پالي تاتي پنهنجي اڱڻ تان ڳيچن جي گونجار ۾ سڀني ساهيڙين کان مبارڪون وٺندي رخصت ڪيو، اڄ هوءَ خاموش ڪومايل چهري نماڻين اکين سان در جي چانئٺ ٽپندي ڏسندي سمجهي وئين ته پڪ هن ڪومايل گل جا ڪي ڏک ڀريا قصا هوندا!

ها امڙ بلڪل ايئن چئي سگهجي ٿو ته اهڙي آفت ۾ ڪومايل هيءَ تنهنجي لاڏن سان پليل ڌيءُ گل جيان چيڀاٽجي وئي جو سندس  چپن جي مرڪ ڏڪڻيءَ ۾ تبديل ٿي وئي، امڙ تنهنجو اهو ڀاڪر جنهن ۾ ڳيچ ته نه هئا پر اهو سرور هو جو تنهنجي ڇاتيءَ سان لڳندي ڄڻ غمن کي ڌوئي ڇڏيو، تنهنجي هٿن جون اهي آڱريون جن ڏکئي وقت ۾ مٿي جي وارن ۾ گهمائي سمهارڻ جي ڪوشش ڪئي. امڙ جي ڇپر ڇانوَ ڄڻ سماج جي هجوم ۾ نيري آسمان هيٺان ويهي رهڻ جي برابر آهي.

امڙ تو ڪيئن 9 مهينا پنهنجي ڪک ۾ پاليو هوندو، تو ڪيترا ڏينهن راتيون اوجاڳا ڪري منهنجي جيئڻ ۽ وڌڻ لاءِ دعائون گهريون هونديون، منهنجي هر لڱائي چڱائي ۾ هٿ جهلي ساٿ ڏنو هوندو، اهو سڀ ڪجهه هڪ ماءُ ئي ڪري سگهي ٿي. ان ڪري مامتا جي جذبي ۽ قدر جو ڪو به مٽ ثاني ناهي.

حقيقت اها آهي ته جڏهن ڌيئر پيءُ ماءُ جي گهران رخصت ٿي نئون گهر وسائينديون آهن ته هر پل جي ياد ۾ سڀني رشتن کان وڌيڪ ماءُ ئي هوندي آهي جنهن کي ياد ڪيو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے