16 جمعہ , نومبر 2018

ڪالاباغ ڊيم ڪجهه حقيقتون ۽ سازشون

زاهد ميراڻي

دنيا ۾ پاڻيءَ جي کوٽ

پاڻي زندگي آهي ۽ هاڻي دنيا ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي گهٽجي رهيو آهي، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي صنعتي گندگيءَ ۽ ڪارخانن جي ڪيميڪل ۽ زهريلن مادن جي ملڻ سبب انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿي چڪو آهي،

پاڻي انسانذات لاءِ قدرت جي واحد نعمت آهي جنهن جو مقدار مستقل آهي، جيڪو آهي سو ئي آهي، پاڻيءَ جي مقدار ۾ ڪابه واڌ نه پئي اچي.

سڄي دنيا جي ماحولياتي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ زرعي پاڻيءَ جي استعمال ۾ اضافي، ڊيمن جي انڌا ڌنڌ تعمير، پاڻيءَ جي وهڪرن کي جا رخ موڙجڻ، صنعتي آلودگيءَ، ماحولياتي گدلاڻ، پاڻيءَ جي اڍنگي ۽ غير ضروري استعمال ڪري سڄي دنيا ۾ پاڻيءَ جي موجود شديد بحران کي انتهائي شديد بڻائي ڇڏيندو ۽ ايندڙ ڏهاڪي يعني 2030ع بعد انسانذات پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏيندي ۽ انهيءَ عرصي ۾ دنيا ۾ جيڪي به جنگيون لڳنديون انهن انهن گهڻين جو بنيادي سبب پاڻي ئي هوندو، جنهن جي شروعاٿ 2020ع کان ٿيندي نظر اچي ٿي.

دنيا ۾ ” قدرتي ماحول“ جي تباهه ڪاري پاڻيءَ جي موجود مقدار ۽ معيار تي اثر انداز ٿي رهي آهي، اڄوڪي تاريخ ۾ ٻه ارب هڪ ڪروڙ ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهن، جن جو اثر انهن جي صحت، تعليم، زندگيءَ ۽ روزگار تي پئجي رهيو آهي،

هُن وقت دنيا جا ڪيئي ملڪ جن ۾ يمن، جبوتي، لبيا ۽ آمريڪا کنڊ جا ڪيئي ملڪ شامل آهن، جيڪي پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي ڪيئي ڏهاڪن کان منهن ڏئي رهيا آهن، انهن ملڪن جي آبادي دنيا جي آباديءَ جو 30 سيڪڙو ٿيندو يعني مجموعي طور تي دنيا جي 3 ارب جي آباديءَ پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي.

ٻئي طرف دنيا جي ڪيئي ملڪن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ شديد ٿيندي پئي وڃي جن ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي، ۽ پاڪستان جي وفاق ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، پر ان جي تاريخ اڄ کان ٻه سو سال اڳ تائين جي آهي، جنهن کي انگريز اچي ڪري جهڙوڪر هڪ دستاويز جي شڪل ڏني ۽ پنهنجي حڪومت ۾ سنڌ جي پاڻيءَ جي پنجاب جي هٿان چوريءَ جو ڪيس داخل ڪيا، شنوائيون ڪيون، ڪميشنون ويهاريون ۽ فيصلا ڪيا، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ گهڻي قدر پاڻيءَ جي چوري جي حوالي سان آهي نه ڪي قدرتي حوالي سان جنهن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هڪ دفعو وري ڪرُ کنيو آهي ۽ جڏهن به ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪر کڻندي آهي ته ملڪ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت متعلق پڻ هڪ سرگرم مهم شروع ٿي ويندي آهي، جهڙوڪر اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم هجي ها ته هوند ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ نه ٿئي ها، پاڻيءَ جي کوٽ کي بڻياد بڻائي ڪالا باغ ڊيم جي تعمير جو رينگٽ شروع ڪيو ويندو آهي.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 

هن وقت سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پنهنجي انتها تي آهي، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ  ستر سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي، هلندڙ ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ڪو 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو گذر لازمي هوندو آهي، پر ان جي ابتڙ مجموعي طور تي ڪوٽڙيءَ تائين پاڻيءَ جو سيڪڙو ڪو 30 هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ جي گذر ٿي رهيو آهي، جيڪو فصلن جي لاءِ ته ناڪافي آهي ئي آهي پر اهو پاڻي پيئڻ لاءِ پڻ ناڪافي آهي، خريف جي آڳاٽن فصلن ڪمند، ووڻ، چانور، کارڪن ۽ انبن سميت ٻين ميون کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، سنڌ جي زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ کي هلندڙ پاڻيءَ جي کوٽ سبب زرعي معيشت کي ڪو اٺ سو ارب روپين جو نقصان پهچي چڪو آهي، جڏهن ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب خريف جا فصل پڻ پوکجي نه سگهبا جنهن ڪري  سنڌ ايندڙ سالن ۾ شديد ڏڪر کي منهن ڏيندي.

هن وقت سنڌ جي ٽنهي بيراجن وٽ پاڻيءَ جي کوٽ واري صورتحال 50 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جنهن کانپوءِ صورتحال اڃان وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، اترين علائقن ۾ برساتن جو سلسلو گهٽ ٿيڻ ۽ اسڪردو ۾ گرمي پد گهٽجڻ ڪري گليشيئر تان برف ڳرڻ وارو سلسلو رڪجڻ کانپوءِ پاڻي جا ذخيره مناسب مقدار ۾ جبلن تان ڳري هيٺ وهي نه آيا آهن جنهن ڪري پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، آخري اطلاعن تائين سنڌوءَ م پاڻيءَ جي کوٽ ۾ ڪا بهتر نه آئي آهي.

سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو پڙاڏو

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ متعلق سنڌ ۾ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ مخالف ڌر سنڌ ۾ پاڻي کوٽ وارو مسئلو کنيو. پاڻي کوٽ واري معاملي تي ڳالهائڻ تان سنڌ جي آبپاشي واري وزير کي ايتري ته ڪاوڙ لڳي وئي، جو ڄڻ اهو احتجاج سندس خلاف ٿي رهيو هجي، پر وزير موصوف جي نوٽيس ۾ شايد اها ڳالهه ئي نه هئي ته 27 هين مئي تي ارسا واري اجلاس اندر توڙي ٻاهر پنجاب پاڻي جي حاصلات لاءِ ڪهڙو موقف رکيو آهي؟ مخالف ڌر جي ميمبرن سنڌ جي آبپاشي واري وزير سيد مراد علي شاهه کي هڪ فقط هڪ ننڍڙي گذارش اها رکي ته توهان رڳو صادق آباد کان راولپنڊي تائين پنجاب جو دورو ڪريو، ۽ اتي هڪ به ڪئنال مان جيڪڏهن واري اڏامندي هجي ته پوءِ توهان تي ميار نه آهي، پر جي پنجاب جا سمورا واهه، شاخون ۽ ڪئنال تار وهندا هجن، ته پوءِ توهان سنڌ جي ڪروڙين عوام اڳيان جوابده آهيو. اوهان صادق آباد کان راولپنڊي تائين پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن جا دورا ڪريو اوهان کي ڪٿي به پنجاب جا رهواسي پاڻي کوٽ خلاف رستن تي نظر نه ايندا، پر خبر ناهي سنڌ جي حڪمرانن کي ڇو سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ نظر ئي نه پئي اچي؟! توهان کان سنڌ جا ماڻهو ايترو پڇڻ گهرن ٿا ته هن سيزن ۾ تربيلا ۽ منگلا ڊيم ڪنهن جي آشيرواد سان ڀريا پيا وڃن؟ گريٽر ٿل ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏڻ توڙي چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال کولرائڻ لاءِ پنجاب جا نمائندا هر وقت سراپا احتجاج آهن ۽ اهي ارسا سميت هر پليٽ فارم تي پنهنجو ڪيس مضبوط انداز ۾ رکي رهيا آهن، ۽ پنجاب ۾ ڀلي پاڻي کوٽ نه به هجي پر پنجاب جا نمائندا پنهنجو حق ادا ڪري رهيا آهن ته پوءِ سنڌ ۾ ڪيئي ڏهاڪن کان پاڻيءَ جي شديد کوٽ هوندي به سنڌ جا نمائنده پنهنجو ڪردار ادا ڇو نه ٿا ڪن؟.

پاڻي ٺاهه 1991ع موجب سنڌ کي پاڻيءَ جي ملڻ جا انگ اکر

سنڌ کي 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب جون جي پهرين ڏهي ۾ گڊو بئراج وٽ 22 هزار، 700 سئو ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ 49 هزار، هڪ سئو ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 26 هزار، 900 سئو ڪيوسڪ ۽ مجموعي طور تي 98 هزار، 700 سئو ڪيوسڪ پاڻي گهربل آهي. جون جي ٻئي ڏهي ۾ 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب گڊو بئراج وٽ 31 هزار، هڪ سئو ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ 55 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 32 هزار، 5 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت هوندي. هاڻ هڪ ته ارسا پاران 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه ڪرائڻ سبب رڳو مئي مهيني ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ 72 سيڪڙي کان 80 سيڪڙي تائين پاڻي جي کوٽ موجود رهي آهي، پر جيڪڏهن سنڌ جا نمائندا رڳو اڄ کان به همٿ ڪري حصي جو پاڻي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿا وڃن ته اهو پاڻي گڊو ۽ ڪوٽڙي تائين پهچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڏينهن لڳي ويندا. جيستائين اهو پاڻي سنڌ ۾ پهچي ته ان وقت سنڌ ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 50 کان 56 سيڪڙو تائين وڃي پهچندي، ان وچ ۾ سکر بيراج وٽ ڪجهه فرق ضرور ٿيندو، پر سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪوٽڙي بئراج جا ڪئنال ٿيندا. هن وقت به ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 77.50 سيڪڙو تائين هجڻ جي ڪري، سنڌ جي ڏاکڻين ضلعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 کان 35 لک ايڪڙن تي ڦٽي ۽ مرچن ۽ 18 کان 25 لک ايڪڙن تائين سارين جي فصل جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي،  جنهن سبب اتان جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو وڏو امڪان موجود آهي.جون جي ٻي ڏهي ۾ سنڌ کي مجموعي طور تي هڪ لک، 19 هزار، 5 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت هوندي، پر تربيلا ڊيم ۽ ٻين هنڌن تان سنڌو دريا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري اها کوٽ 57 کان 58 سيڪڙو تائين وڃي پهچندي. هاڻ ٿيڻ ائين گهرجي جو چشما کان گڊو تائين لاسز ڄاڻائي سنڌ جي گم ٿيندڙ 5 کان 9 هزار ڪيوسڪ پاڻي جا پيرا کڻڻ گهرجن. سنڌ کي جيڪو پاڻي چشما کان ملي ٿو، اهو گڊو کان مُهيا ڪيو وڃي، هونئن به پاڻي جي ڳڻپ اتان شروع ٿيندي آهي، جتان پاڻي کڻندڙ جون حدون شروع ٿينديون هجن. جيڪي لاسز ٿين ٿا، اهي سڀ پنجاب جي کاتي ۾ وجهي سنڌ کي پاڻي سنڌ جي سرحد وٽان ڏنو وڃي. چشما کان گڊو بئراج تائين لفٽ مشينن ذريعي سنڌ جي حصي جي پاڻي جي ٿيندڙ چوري کي روڪڻ لاءِ سخت مانيٽرنگ ڪئي وڃي.

توڙي جو هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي. ماڻهو اڃ وگهي مري رهيا آهن ۽ حالتون وڃي ان حد تائين پهتيون آهن، جو ماڻهو مال جو چارو، جنهن ۾ ٻٻر جا پلڙا، ڪنڊين ۽ ديوين جون سڱريون وڪرو ڪري اٽو پيا وٺن، تنهن ڪري تربيلا ڊيم ۾ گڏ ڪيل پاڻي وڌ کان وڌ ڊائون اسٽريم ۾ هن وقت کان ئي ڇڏيو وڃي، ته جيئن سنڌ ۾ جون جي آخري ڏهي کان پاڻي جي صورتحال بهتر ٿي سگهي. پر انهيءَ سڄي صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ويندڙ حڪومت ڪابه سنجيدگي نه ڏيکاري، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي حڪمران طبقي جي سنڌ ڏانهن روش مان ائين ٿي لڳو ڄڻ سنڌ ۽ سنڌي عوام جا مسئال حل ڪرڻ سندن فرضن ۾ شامل نه آهن، اهو ئي سبب آهي جو پ پ قيادت ڪنهن به موقعي تي پاڻيءَ جي مسئلي تي اسٽينڊ نه ورتو سواءِ حڪومت هي آخري هفتي ۾ سيد مراد علي شاهه جي انهيءَ بيان جنهن ۾ هُن پاڻيءَ جي شيد کوٽ تي فقط احتجاج ڪيو.

1991ع جي پاڻي ٺاهه موجب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ هر سال 10- ايم ئي ايف پاڻي ڇڏڻ جو طئه ٿيل آهي نه ته سمنڊ ٽٺي ۽ بدين جي ساحلي زمين تي چڙهي ايندو ۽ ماحوليات پڻ تباهه ٿيندي، پر ان جي ابتڙ گذريل ڪيئي سالن کان خاص ڪري 1991ع واري پاڻي ٺاهه کان بعد ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم طرف پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه ويو آهي جنهن ڪري سمنڊ جو پاڻي لکين ايڪڙ سرسبز زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، تمر جا ٻيلا سڪي سڙي ويا آهن ۽ سمنڊ جي آبي حيات مري کپي وئي آهي.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ پ پ  حڪومت جي لاتعلقي

ٻئي طرف پاڻيءَ جي اهڙي شديد کوٽ هوندي به سنڌ جي گذريل پ پ  حڪومت جي خاموشي انتهائي مجرماڻي نوعيت جي هُئي، جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي آبپاشي واري وزير پاڻيءَ جي کوٽ متعلق جيڪو بيان ڏنو هو، ان موجب به سنڌ ۾ 46 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن به پاڻي کوٽ جو ماپو ڪبو آهي ته سڀ کان پهرين ٽيل ۾ پاڻي ڏسبو آهي ته اتي ڪيترو پاڻي آهي.ڳالهه رڳو مئي مهيني واري آخري ڏهي جي نه آهي، پر انگن اکرن موجب سنڌ ۾ جون واري سڄي مهيني ۾ پاڻي کوٽ وڌندي نظر اچي ٿي،

مٿي بيان ڪيل صورتحال صورتحال ڪا هڪ سال جي ناهي پر  گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي صورتحال تقريبن ساڳئي رهي آهي ۽ سنڌ جو احتجاج پڻ جاري رهندو پئي آيو آهي.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل

پاڻي جي کوٽ متعلق سنڌ جي بي انتها احتجاج بعد گذريل حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ وزيراعظم هائوس ۾ اڳوڻي وزير اعظم گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به پاڻي جي کوٽ جو جائزو ورتو ويندو، ٻئي طرف سينيٽ اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس فوري طور تي گهرائڻ جي حوالي سان احتجاج ڪيو ويو هو. ملڪ جي ٻين حصن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۾ شدت ڪيتري آهي انهيءَ بابت ته ڪا گهڻي ڄاڻ ملي نٿي سگهي البت سنڌ بابت اسان چڱيءَ ريت ٻڌائي سگهون ٿا ته سنڌ جي صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ٿي ويئي آهي. سنڌ ڇاڪاڻ ته سنڌو درياھ جي پوڇڙيءَ ۾ آهي تنهنڪري سنڌ هميشه ڀوڳيندي رهي آهي، جيئن ڪنهن شاخ جي پوڇڙيءَ ۾ ويٺل آبادگارن سان ٿيندو رهيو آهي. پر آخري اطلاعن تائين گڏيل مفادن واري ڪائونسل پڻ ڪو ڪارج ڏئي نه سگهي.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ارسا جو منفي ڪردار

جڏهن 1991ع واري ٺاھ تحت ڳالهايو ويو ته سنڌو درياھ هيٺاهين وهڪري ۾ هر سال گهٽ ۾ گهٽ 10 ايم اي ايف پاڻي ڇڏيو ويندو، پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته اڄ تائين انهيءَ فيصلي تي عمل نه ڪيو ويو آهي. ڊيلٽا جا نه صرف مينگرو تي ٻڌل ٻيلا تباھ ٿي ويا آهن پر سمنڊ جو پاڻي اپ اسٽريم ۾ وڃڻ ڪري ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جون لکين ايڪڙن تي سرسبز ۽ شاداب زمينون ڪلراٺيون پڻ ٿي ويون آهن. لڳ ڀڳ گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌ حڪومت سميت سنڌي ماڻهون رڙيون ڪندا رهيا آهن ته کين 91ع جي ٺاھ موجب پاڻيءَ جو حصو فراهم نٿو ڪيو وڃي پر ارسا جهڙي جوڙيل اداري جي ڪن تي ڪا جونءَ به نٿي چري.

سي جي ڪئنال وسيلي سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري پنجاب جون زمينون سيراب ڪيون پيون وڃن، ٿل ڪئنال وسيلي مفت ۾ ڏنل زمينن تائين به پاڻي پهچي رهيو آهي پر ارسا کي وري به صرف سنڌ جيڪا اڳ ئي ڏڪاريل آهي پاڻيءَ جي چور نظر ايندي آهي، پر ان کان اڳتي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ارسا پنهنجي ڪردار جي ابتڙ ڪڏهن پنجاب کي اشارو ڪندي آهي ته سنڌ اوهان جو پاڻي چوري ڪري رهي آهي وري ڪڏهن سنڌ کي چيو ويندو آهي ته بلوچستان اوهان جو پاڻي کڻي رهيو آهي. پاڻيءَ جي ورڇ بابت ٺاھ ٿيڻ کانپوءِ ارسا جو ڪم اڄ ڏينهن تائين اهو ئي رهيو آهي.

جناح بئراج تي ويهندڙ سنڌ جو نمائندو، اڪثر پنهنجيءَ ڊيوٽيءَ تان غير حاضر هوندو آهي ۽ جيڪڏهن هوندو به آهي ته درياھ جا گئيج چڪاسڻ کي گناھ سمجهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هڪڙي پاسي غير موسمي سي جي ڪئنال کي 12 ئي مهينا وهايو ويندو آهي ته وري ٻئي طرف هيٺاهين وهڪري واري گئيج کي زيرو ڏيکاري قلت جو بيان جاري ڪيو ويندو آهي.

اصولي طور هيٺاهين وهڪري ۾ ويٺل سنڌي ماڻهون ئي ارسا جا ڌڻي هجڻ گهرجن ته جيئن سنڌو درياھ جي مالڪي ڪري سگهن پر هتي ابتو قانون لاڳو ڪيل آهي. مٿانهين وھڪري تي ويٺلن کي مالڪ بڻايو ويو آهي، جنهن ڪري خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان مسلسل پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار رهندا پئي آيا آهن، ۽ هميشه پاڻيءَ جي کوٽ لاءِ دانهيندا رهيا آهن. هن وقت سنڌ جي صورتحال اها آهي ته ذڪر هيٺ آيل ٽن ضلعن سان گڏ ٿر ۽ ڪوهستان ۾ پڻ ماڻهن سان گڏ ڍور ڍڳن کي به پيئڻ لاءِ پاڻي دستياب ناهي ۽ هي پهريون دفعو آهي جو سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ڪري ڍورن سميت انسان به مري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے