17 ہفتہ , نومبر 2018

نواز ليگ جا اعتراض رد، حسن عسڪري وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو

لاهور ( م ڊ ) پروفيسر حسن عسڪري پنجاب جي نگران وڏي وزير طور عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي. گورنر هائوس لاهور ۾ نگران وڏي وزير جي قسم کڻڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي. پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه حسن عسڪري کان عهدي جو قسم ورتو. قسم کڻڻ جي تقريب ۾ سياسي ۽ فوجي شخصيتن سميت آءِ جي پنجاب عارف نواز، اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف به شرڪت ڪئي. عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ حسن عسڪري پنهنجي نگران ڪابينا تي به غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته نواز ليگ حسن عسڪري جي مقرري تي اعتراض ڏياکاريا هئا.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے