24 بدھ , اکتوبر 2018

اسد کرل تي تشدد ۽ گل بخاري جو اغوا صحافت تي حملو آهي:سي پي اين اي

ڪراچي (پ ر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز ( سي پي اين اي) لاهور ۾ بول نيوز جي سينيئر رپورٽر اسد کرل تي قاتلاڻي حملي، تشدد ۽ وقت ٽي وي جي اينڪر گل نجاري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش  جي مذمت ڪندي هن کي صحافت جي آزادي  تي حملو قرار ڏنو آهي. سي پي اين اي صدر عارف  نظامي ۽ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبارخٽڪ گڏيل بيان ۾ صحافين سان همدردي ۽ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته صحافين کي حق ۽ سچ لکڻ ۽ اظهار جي آزادي جي پاسداري جي سزا ڏني پئي وڃي. هنن چيو ته صحافت  جي آزادي تي بندش برداشت نه ڪئي ويندي. سي پي اين اي ميڊيا تي ظاهري توڙي ڳجهي دٻاءُ  ڌمڪين، خوف ۽ هراس تي ڳڻتي ڏيکاريندي  واضح ڪيو ته مهذب معاشري ۾ تحرير ۽ تقرير  جي آزادي کي بنيادي اهميت حاصل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن: مراد علي شاهه

 ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے