21 اتوار , اکتوبر 2018

ڪالا باغ 3 صوبا رد ڪري چڪا، رينگٽ بند ٿيڻ گهرجي: مراد علي شاهه

سيوهڻ (رپورٽر) سيوهڻ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاه پي ايس 80 تي نامزدگي فارمجمع ڪرائي ڇڏيو: فارم جمع ڪرڻ بعد ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون، خبر موجب اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ ۽ پي ايس 80 سيوھڻ تڪ تي پ پ جي نامزد اميدوار سيد مراد علي شاهه ڪالهھ سيوھڻ ۾ آر او آفيس پھچي پنهنجو نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي فارم جمع ڪرائڻ بعد ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته پرويز مشرف جو ڪيس ڪورٽ ۾ آھي ان ڪيس جو فيصلو ڪورٽ ڪندي. ڪالا باغ جو راڳ هاڻي بند ٿيڻ گهرجي ان کي پهرين 3صوبا رد ڪري چڪا آھن ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلاف هميشه اتحاد ٺهندا رهندا آھن هن کان اڳ ته ڏھن پارٽين جو اتحاد ٺهيو هو سنڌ جي عوام هنن کي سدائين رد ڪيو آھي ڪيترائي اتحاد ٺهن ڪجھه ڪونه ورندن، ھن چيو ته اسان تي الزام تراشي ڪئي پئي وڃي ته نئين جڙيل نگران ڪابينا ۾ پيپلز پارٽي جا ماڻهو شامل آھن پر مان واضع چوان ته ان سڄي ڪابينا ۾ مان صرف هڪ وزير سڃاڻان ٿو پر اهو پيپلز پارٽي جو ناهي .اسان کي اليڪشن تي ڪوبه اعتراض ناهي  پر جيڪو قسم نامون رکيو ٿن ان تي خدشا آھن مان هڪ نه پر ڏھ ڀيرا ويو آھيان پر ٽيڪس پي ڪري ويو آھيان .هاڻي ان فارم ڏيڻ جو مقصد ته اسان افطاري ۽ سحري ۾ ڇا ٿا کائون اهو به هنن کي ٻڌائڻو پوندو .اسان وڏي اڪثريت سان کٽي حڪومت ٺاهينداسين ۽ عوام جي خدمت پهرين به ڪئي هاڻي به ڪنداسين باقي ٽڪيٽن جو فيصلو پارٽي ڪندي .مون کي به خبر ناهي ته پارٽي ڪنهن کي ۽ ڪاٿي ٽڪيٽ ڏئي ٿي .اليڪشن ۾ اتحاد ڪنهن سان نه ڪبو پر اليڪشن کان پوءِ ڪنهن سان به اتحاد ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوج بابت بيان تي نهال هاشمي خلاف درخواست داخل

لاهور ( م ڊ ) پاڪ فوج بابت بيان تي شهري مسلم ليگ ن اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے