20 منگل , نومبر 2018

ڪراچيءَ ۾ صفائي جي حالت ڏسي خوش ٿي، ڪريڊٽ سنڌ سرڪار کي وڃي ٿو: سپريم ڪورٽ  

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ صفائي جي حالت ڏسي خوشي ٿي آهي، ڪريڊٽ سنڌ سرڪار کي وڃي ٿو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته 900  اسڪيمون هلندڙ سال مڪمل ٿي وينديون، اسپتالن ۾ انسينسيٽرز لڳايا پيا وڃن، ڪراچي کي 260 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ڊسمبر تائين اها کوٽ پوري ٿي ويندي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪراچيءَ جو ميئر ڪٿي آهي، ان تي وسيم اختر روسٽرم تي اچي ويو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته نالن جي صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جلد ان جا اثر به سامهون اچي ويندا. چيف جسٽس چيو ته ڪراچي وارا ڇا سمجهن ٿا ته بهتري آئي آهي، نالن جي ڇا صورتحال آهي، هر هنڌ گند هو، وسيم اختر چيو ته واقعي بهتري آئي آهي، توهان به شارع فيصل تي آيا هوندا.  چيف جسٽس چيو ته ڪارڪردگي ڏسي خوش ٿيس ته ڪارڪرگي بهتر آهي،  چيف سيڪريٽري صاحب ڇا اسان کي دورو ڪرائيندو، ٻڌايو وڃي ته ڪڏهن نالا ڏيکاريندا، سانوڻي جي برسات شروع ٿيڻ واري آهي. ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو ته اسان دوري لاءِ تيار آهيون. چيف جسٽس چيو ته ٺيڪ آهي، ايندڙ دوري تي مان پاڻ نالن جو دورو ڪندس، ايندڙ ٻڌڻي تي خبر پئجي ويندي ته ڪراچي جي ميئر شهر ۾ ڇا ڪيو آهي. چيف جسٽس چيو ته منهن جي رٽائرمينٽ کانپوءِ خبر ناهي ڇا ٿيندو، ڊسمبر 2018ع تائين سمورا ڪم مڪمل ڪيا وڃن. چيف جسٽس ڪراچي جي ميئر کي برساتي نالن جي صفائي لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هڪ مهيني ۾ صفائي نه ٿي ته ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم عمران خان 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ملائشيا روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ٻن جي سرڪاري دوري تي ملائيشيا روانو ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے