17 ہفتہ , نومبر 2018

فاروق ستار طرفان ٽن تڪن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو اعلان

Orders arrest of 4MqM leaders including Farooq Sattarڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان پي آءِ بي جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن تان نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ڪراچيءَ جي تڪ اين اي 241 ڪورنگي تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته مان اين اي 245، 241 ۽ 247 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي رهيو آهيان،  ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان ڪافي دوست نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي رهيا آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي هن وقت تائين سياسي آزادي نه ڏني وئي آهي، 165 گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ڪرايا ويا آهن، بيگناهه ماڻهن کي آزاد نه پيو ڪرايو وڃي، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جون آفيسون واپس ڪيون وڃن. سندس چوڻ هو ته  سنڌ ۾نگران حڪومت تقريبن پ پ جي آهي، ترقياتي فنڊ هاڻي ۾ سڄي سنڌ ۾ ڀرپور خرچ ٿي رهيا آهن، تڪبندين ۾ ناانصافي ۽ ترقياتي فنڊن جو استعمال وقت کان اڳ ڌانڌلي آهي. فاروق ستار چيو ته اميدوارن جي خرچن تي پابندي لڳائي وئي آهي پر پارٽي تي نه آهي، پارٽين تي پابندي نه لڳائڻ سان برابر موقعا فراهم نه ٿيندا. هن چيو ته اسان کي ڀت سان لڳائڻ جو عمل اڃا بند نه ٿيو آهي، مائنس ون فارمولي تائين ته ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي مائنس ڪرڻ جو تاثر مليو ته ڪو به فيصلو ڪري سگهون ٿا، مان اليڪشن جي بائيڪاٽ جو لفظ استعمال نه ڪيو آهي. فاروق ستار چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينرشپ تي منهنجو نالو لکڻ گهرجي ۽ اليڪشن ڪميشن کي عبوري فيصلو قبول ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے