15 جمعرات , نومبر 2018

نقيب قتل ڪيس: اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار کي بي ڪلاس ڏيڻ جي درخواست منظور

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ۾ نقيب الله محسود قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. جوابدار رائو انوار کي سخت سڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.  عدالت رائو انوار کي جيل ۾ بي ڪلاس جي ڏيڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته رائو انوار کي سب جيل ۾ رکڻ جو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آهي، درخواستگذار بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي. عدالت نقيب الله قتل ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 14 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے