17 ہفتہ , نومبر 2018

ملڪ ۾شفاف چونڊون ۽ نگرانن جا امتحان

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ عام چونڊن واري وايو منڊل ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي اسيمبلين جون آئين ۽ قانون تحت شفاف چونڊون ڪرائڻ  لاء نگران حڪومتن جي جوڙجڪ ۽ سياسي سرگرميون تيزي سان وڌي رهيون آهن.  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان  طرفان عام چونڊن ۾ سهولت لاء نامزدگي فارم ۽ ٻيا گهربل ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ٽي ڏينهن  واڌ ڪئي وئي آهي  ۽  اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ هاڻي 11 جون تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته ملڪ ۾ عام چونڊون 25 جولاءِ 2018ع تي ئي ٿينديون ۽ انهي تاريخ ۾ ڪابه واڌ نه ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت  هر قسم جي مشڪل مرحلن مان گذرڻ بعد  عام چونڊون  مقرر وقت تي ٿيڻ  جا اعلان جيئن جيئن  ورجايا پيا وڃن تيئن تيئن عوام جو پنهنجي ملڪ جي جمهوري سرشتي تي ويساهه وڌي رهيو آهي. نگران حڪومتن ۽  ملڪ جي آئيني ادارن جون سرگرميون، وطن ۾ خوشين ۽ بهتري واري ايندڙ موسم جو اعلان محسوس ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ هر پاسي عيد وارو ماحول ۽ سرهائي وارا منظر نظر اچي رهيا آهن.

ملڪ جي ٽن اهم صوبن پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي نگران وزير اعلي ۽ نگران حڪومتن جي سربراهن جي مقرري جي معاملي تي حڪومتي ۽ مخالف ڌرين ۾نبيرا نه ٿيڻ بعد  آخرڪار اليڪشن ڪميشن طرفان حاصل اختيارن تحت فيصلا جاري ڪيا ويا آهن ۽ صوبن ۾ ڊيڊ لاڪ کي ختم ڪيو ويو آهي. جنهن موجب خيبرپختونخواهه ۾ نگران وزير اعلي جسٽس (ر) دوست محمد خان، پنجاب  ۾ نگران وزير اعلي پروفيسر حسن عسڪري ۽ بلوچستان لاء پارلياماني ڪاميٽي طرفان موڪليل نالن مان عبدالله مري نگران وزير اعليٰ بلوچستان مقرر ڪيا ويا آهن . اهڙي ريت پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان صوبن  ۾ نگران وزير اعلي جي مقرري جا اهي اعزاز پڻ اليڪشن ڪميشن کي ئي حاصل ٿيا آهن.

هڪ پاسي، اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي نگران وزير اعليٰ ۽ صوبائي وزيرن کان ساليانا گوشوارا گهري ورتا آهن. نگران وڏن وزيرن ۽ صوبائي وزيرن کان پنهنجي شريڪ حيات ۽ ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن جي تفصيل طلب ڪري ورتي آهي، ان کان علاوهه نگران وڏن وزيرن ۽ وزيرن کي ملڪيت ۽ رهتن جي تفصيل به جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن اختيارين جو چوڻ آهي ته نگران وڏا وزير ۽ وزير حلف کڻڻ جي ٽن ڏينهن اندر گوشوارا جمع ڪرائڻ جا پابند آهن. عام چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ پوري ملڪ ۾ آفيسرن جي بدلين جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي.  مرحليوار آفيسرن جون بدليون ڪيون وينديون ۽ پهرين مرحلي ۾ صوبائي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس تبديل ڪيا ويندا.

ٻئي پاسي،  ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن ۾ آفيسرن جون سياسي وفاداريون پرکڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب چيف سيڪريٽرين کي آفيسرن جي لسٽن تي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ چئني صوبن مان گريڊ 18 کان 22 تائين جي آفيسرن جون لسٽون طلب ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن موجب گريڊ 17 ۽ ان کان گهٽ گريڊ جي آفيسرن جي بدلين لاءِ به چيف سيڪريٽريز کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن نين مقررين لاءِ آفيسرن جون لسٽون اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي فراهم ڪندي ۽ ان حوالي سان مشورن جو عمل جاري آهي.

هوڏانهن،  اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب ۾ پروفيسر حسن عسڪري جي نگران وڏي وزير جي طور مقرري تي مسلم ليگ نواز  طرفان سخت ردعمل سامهون آيو آهي . اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف، اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، مسلم ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ پنجاب جي اڳوڻي وزير قانون رانا ثناءَ الله طرفان مخالفت ڪئي وئي آهي سندن گڏيل موقف هو ته  اليڪشن ڪميشن طرفان مقرر ڪيل نگران وڏو وزير حسن عسڪري مسلم ليگ نواز  تي تنقيد ڪندو رهيو آهي ان ڪري سندس مقرري کي رد ڪرڻ جو بيان  پڻ ڏنو ويو آهي.سندن چوڻ هو ته کين ان تقرري بابت خدشا آهن ۽ اختيارين کي خدشن بابت لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ اڳتي ان تقرري کي چئلينج پڻ ڪري سگهجي ٿو.

يقينن،  نگران وزير اعلي پنجاب جي چونڊ آئيني طريقيڪار تحت مقرري ڪئي وئي آهي ۽ اسپيڪر پنجاب اسيمبليءَ طرفان اليڪشن ڪميشن کي حڪومت ۽ مخالف ڌر طرفان موڪليل چئن معتبر نالن مان ئي هڪ شخصيت کي چونڊيو ويو آهي، ان فيصلي بابت هاڻي مسلم ليگ نواز طرفان موقف اختيار ڪرڻ جو معاملو  يقينن، غير جمهوري ۽ نا انصافي تي ٻڌل آهي. پنجاب ۾ نگران وزير اعلي جي چونڊ بابت ٿيل فيصلي۽ جاري ٿيل نوٽيفيڪيشن بعد  مسلم ليگ نواز پڻ تحريڪ انصاف وانگر ساڳي طرح پنهنجي آئيني فيصلن کي بي مانائتو ڪري رهي آهي.

اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته 2013ع واري عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ  جماعتون ۽ حڪومتون  گذريل مدي دوران پورا پنج سال اقتدار ۽ اختيارن جي مالڪ هئڻ باوجود  ملڪ ۽ عوام لاء ڇا ڪري سگهيون ؟ هاڻي وقت آهي ته عوام کي سندن ڪارڪردگي تي ووٽ جو حق خير ۽ خوبي سان استعمال ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ انهن جي راهه ۾ رنڊڪون پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ عوام جي فيصلي تي هر صورت ۾ ويساهه ڪيو وڃي ته انهي ۾ ئي اصل ڪاميابي ۽ حقيقي سوڀ آهي. ڪنهن سبب ڪري جيڪڏهن عوام ڪوبه ٻيو فيصلو ڪري ٿو ته اهو ئي ملڪ جو مالڪ ۽ پنهنجي فيصلن ۾ مڪمل طور تي حقدار ۽ بااختيار آهي.

يقينن ! ملڪ ۾ عام چونڊون، آئين ۽ قانون تحت  انصاف جي ضابطن تحت شفاف ٿيڻ لازمي ۽ درست نتيجا پڌرا ٿيڻ تمام ضروري عمل آهي.  ملڪ ۾ وچ واري مدي ۾ ٻن مهينن لاء نگران  وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان عام چونڊون شفاف نموني ڪرائڻ واريون  ذميواريون نڀائڻ  يقينن بنيادي فرض ضرور آهي پر ان سان گڏوگڏ  ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال ۾ پڻ قومي ذميواري نڀائڻ ۽ سرخرو ٿي نڪرڻ کانسواء  ملڪ جي پارلياماني ۽ سياسي نظام جي بقا ۽ ڪاميابيءَ جو ملڪ جي سلامتيءَ سان پڻ سڌو سنئون واسطو پيدا ٿي چڪو آهي. اهڙي ريت  اهو يقين سان چئي سگهبو ته ملڪ ۽ جمهوري سرشتو، پارليامينٽ وارو سگهارو نظام، ملڪ ۽ صوبن جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ طاقت حاصل ڪري چڪو آهي.

هاڻي ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن تي اهو فرض  لاڳو ٿي ويو آهي ته هو  نگران حڪومتن سان سهڪار ڪن ۽ کين  ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جو نظام سگهارو بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هاڻي سياسي جماعتن ۽ اميدوارن کي وڌيڪ پنهنجي اهليت کي ثابت ڪرڻ لاء ملڪ ۾آئين ۽ قانون تحت منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ مددگار ٿيڻ گهرجي ۽  عوام ڏي ڪنهن به صورتحال ۾ اهو تاثر نه وڃڻ گهرجي ته خاص سياسي جماعتون ڌانڌلين يا ايمپائرن جي آڌار ۽ مدد سان ڪامياب ٿينديون رهيون آهن .

بيشڪ !   ملڪ عام چونڊن شفاف ڪرائڻ ۽ حقيقي نتيجا جاري ڪرڻ ۾ نگران وزير اعظم ۽ نگران  وڏن وزيرن ۽ سندن نگران حڪومتن جو سگهارو ڪردار وڏي اهميت وارو آهي ۽ نگران حڪومت وارو فرض پڻ خبرداري سان نڀائڻو آهي  ۽ اهو چوڻ ۾ يقينن مناسب ٿيندو ته ملڪ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون شفاف چونڊون ٿيڻ جو ملڪ جي آئيني جمهوري سرشتي جي بهتري، ملڪ جي آئيني ادارن جي حفاظت ۽ ملڪ جي سلامتي ۾ پڻ انهن جو اهم ڪردار هوندو .

اميد ته اسان جي ملڪ جون نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجا  آئيني فرض پنهنجي حلف تحت نڀائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏينديون ۽ پنهنجي فرضن جي مانائتي نموني ادائيگي ڪري عوام آڏو ضرور سرخرو ٿينديون ۽ عوام جي چونڊيل جماعتن کي آئيني طريقيڪار تحت وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومتون ٺاهڻ ۽ اقتدار ۽ اختيار سپرد ڪرڻ  جا فرض پڻ مانائتي نموني ادا ڪري شاندار مثال قائم ڪري وينديون .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے