14 بدھ , نومبر 2018

ڪالا باغ ڊيم جو پلان ڇو ۽ ڇا لاءِ تيار ڪيو ويو آهي؟

مسلم ميراڻي

ٻوڏ ڀلي افغانستان ۾ اچي يا وري چناب، جهلم ۾ ستلج  ۾ يا وري راوي ۾ پر پاڪستان ڪائونسل آف رسرچ  ان واٽر ريسورسز (PCRWR) جي رپورٽ ۽ بيريسٽر ظفر الله جي عرضي آهي ته ڪالاباغ ڊيم سنڌو درياهه تي ٺهڻ کپي. چوندا آهن ته گهوٽ موڳو ۽ ڄڃ وائڙي.

پاڪستان جي سياسي تاريخ گواهه آهي ته هن ملڪ‌ ۾ مذهب، ذات، پات ۽ رنگ نسل تي سياست ۽ حڪومتون ڪيون ويون آهن. هتي سياسي ۽ غير سياسي ماڻهون ملي ڪري پلان ٺاهيندا رهيا آهن. هن ملڪ ۾‌غداري جا سرٽيفڪيٽ ايئن جاري ٿيندا رهيا آهن جيئن ڪنهن مدرسي جا سرٽيفيڪٽ.

هي ملڪ هميشه کان تجربي گاهه رهيو آهي جتي ڪنهن به وقت ڪهڙو به تجربو ٿي سگهي ٿو. هن ملڪ ۾ پاڪستان جي ٽٽڻ ۽ بنگلاديش ٺهڻ جا مثال ته ڏنا ويندا رهيا آهن پر ان درد ناڪ ماضي جي غلطين مان  ڪوبه سبق سکڻ بجاءِ اسان اهو مثال ئي وساري چڪا  آهيون. هن ملڪ ۾ مذهب جي نالي ته طالبان جو نرسريون لڳائي اسان روس کي ته افغانستان مان شڪست ڏني پر اڃا تائين اهي سٺا ۽ خراب طالبان اسان جي مٿي جو سور بڻيل آهن. فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ بل پارليامينٽ مان پاس ٿيڻ تي فاٽا جي عوام جهمريون هڻي خوشي جو اظهار ته ڪيو پر انهن جو احتجاج ۽ اپيلون اڃا تائين جاري آهن ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته آغاز حقوق بلوچستان وانگي اهو فاٽا جي قومي ڌاري وارو بل فاٽا پهچندي پهچندي سال لڳائي ڇڏي.

بلوچستان جي صورتحال سڀني جي سامهون واضح آهي ته ڪيئن جوڙ توڙ ڪري حڪومت قائم ڪئي وئي ۽ اڃا تائين بلوچستان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ ڪراچي ته شروع کان ئي قومي ڌارا ۾ شامل آهي پر جيڪڏهن اتان رينجرس نڪري ٿي ته امن ۽ امان ايئن غائب ٿي وڃي ٿو ڄڻ امن ۽ امان قائم هيو ئي ڪون؟  باقي رهيو پنجاب اتي ته ووٽ کي عزت ڏيو واري پاڪستان مسلم ليگ ن جي تحريڪ جاري آهي ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ ن جي تاحيات صدر ميان نواز شريف ۽ ان جي خاندان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي ته ڪو وقت هيو ته ميان صاحب پنجاب وارن جا گيت ڳائيندو هيو ۽ انهن جي اشارن تي ڳالهائيندو هيو ته ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ کپي پر هاڻي ميان صاحب جو چوڻ آهي ته پنجاب هميشه ننڍن صوبن سان زيادتي ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي پتلي تماشو بند ٿيڻ کپي ۽ ووٽ کي عزت ڏني وڃي.

هن وقت ملڪ جي منظر نامي تي هڪ ڪالا باغ ڊيم آهي ٻيو ريحام خان جو عمران خان جي حوالي سان ڪتاب آهي ۽ ٽيون ميان نواز شريف ۽ پنجاب جي سياست آهي. ڪالا باغ ڊيم جو معاملو ماضي ۾ به اشوز تي سياست ڪندڙ قوتون  پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪنديون رهيون آهن. ملڪ جي قومي ۽ قوم پرست سياست ڪندڙ سياستدانن کي مشغول رکڻ جي لاءِ به  ڪالا باغ ڊيم جو نالو استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. هن وقت وري ساڳي تاريخ ورجائي وڃي رهي آهي پر ماڻهون ۽ جاءِ مٽائي وئي آهي. اها ته پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ صديون پراڻي چوڻي   آهي ته ڪو وقت ايندو جڏهن جنگيون پاڻيءَ تي وڙهيون وينديون. تقريبن پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصو پاڻيءَ تي تحريڪ جاري آهي جنهن ۾ پڻ‌ ڏکڻ‌ ايشيا جو ذڪر ملندو رهيو آهي ته دنيا جي گليشئر موسمي تبديلن جي ڪري پگهري رهيا آهن ۽ وقت سان گڏ زيري زمين پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ به کوٽ ٿي رهي آهي. اهو رڳو پاڪستان جي لاءِ نه آهي پر پوري دنيا جو اهو ساڳيو ئي مسئلو آهي. پر اچانڪ ئي پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ  ان واٽر ريسورسز (PCRWR)  2016 ع جي رپورٽ منظر نامي تي اچي ٿي ته 2025ع ۾ پاڪستان جو پاڻي ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ آواز اچڻ شروع ٿي ويا ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم نه ٺهيو ته پوءِ پوري ملڪ جا ماڻهو اڃ سبب مري ويندا. ٻئي طرف بريسٽر ظفر الله جي ڪالا باغ جي حوالي سان ريفريندم ڪرائڻ واري پراڻي عرضي به منظر نامي تي اچي وڃي ٿي ۽ ان عرضي  ۽ واٽر ريسرچ  جي رپورٽ جي نوٽس ورتو ويو ۽ ان نوٽس جي شروعات سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچي کان ڪئي ويندي جتي ماڻهو ٽينڪر مافيا ۽ پاڻيءَ جا ستايل آهن. اسڪرپٽ جي مطابق ان معاملي جي شروعات ٿئي ٿي ۽ بدنام زمانا  ٽي وي  اينڪرز، صحافي ۽ دانشور جيڪي جنرل پرويز مشرف جي دور جا وظيفي خور هيا هڪ دم چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي اپيلون ڪندي نظر اچن ٿا ته انهن کي اسڪول جا ٻار خط لکي رهيا  آهن ته اهي ۽ پاڪستاني عوام  ڪالا باغ ڊيم ٺاهن جي لاءِ چندي ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن رڳو توهان ان تي عملدرآمد ڪرايو ۽ گڏو گڏ چيف جسٽس کي ٻڌائين ٿا ته جناب توهان کي ياد هجي ته شوڪت خانم اسپتال به انهن اسڪول جي ٻارن ئي ٺاهي هئي. ياد رهي ته جيڪو به ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي سوچي رهيو آهي ته ان کي اها بلڪل پڪ آهي ته هن ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندي ڇو جو ان تي پنجاب سميت ڪوبه صوبو راضي نه آهي ۽ ملڪ جون اسيمبليون ان ٺهراءَ کي رد ڪري چڪيون آهن ۽ هاڻي زور، زبردستي، ڏاڍ ۽ بربريت  وارو ڪارو  دور ماضي ۾ دفن ٿي چڪو آهي. هتي ڪي ئي حڪمران عوام کي مڪا ڏيکاريندي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ بجاءِ دبئي ڀڃي هليا ويا ۽ اڃا تائين روپوش آهن جن کي نامزدگي فارم قبول ڪرڻ‌ جي لاءِ پاڪستان اچڻ جون دعوتون ۽ رعايتون پڻ ڏنيون پيون وڃن ته اهو اچي ڪري ڪالاباغ ڊيم جو اهو پراڻو راڳ ڳائن. ياد رهي ته اسان نيوڪليئر پاور هئڻ جو باوجود به توانائي جي بحران جو شڪار آهيون. دنيا جي ترقي يافته ملڪ وڏا ڊيم رد ڪري ننڍا ڊيم ٺاهي ترقي جي راهه تي گامزن آهن. دنيا سمنڊ جي پاڻيءَ کي  مٺو ڪري استعمال ڪري رهيو آهي پر افسوس هتي ملڪ دشمن عوام دشمن پاليسون ۽ پلان اڃا تائين تيار ٿي رهيا آهن جن تي عمل درآمد ته ڪڏهن به ڪونه ٿيندو پر ان سان لسانيت جي بنياد تي نفرتون ضرور وڌنديون. باقي رهي  پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ  ان واٽر ريسورسز (PCRWR) جي رپورٽ ۽ بريسٽر ظفرالله جي عرضي ته ياد رهي ته  پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ  ان واٽر ريسورسز (PCRWR) ان کان اڳ ڪهڙي رپورٽ جاري ڪئي هجي يا وري پاڻي جي دريافت جو ڪو ڪيميائي فارمولو حاصل ڪيو آهي جنهن کي دنيا سميت پاڪستان ۾‌پزيرائي ملي هجي يا وري ان کي نوبل پرائيز جي لاءِ نامزد ڪيو ويو هجي.

باقي رهيو بريسٽر طفرالله خان اهو ته جنرل ضياءَ کان وٺي جنرل مشرف جي حق ۾ به عرضيون ڏيندو رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ڏيندو رهندو.

ڪالاباغ ڊيم جي معاملي جي اچڻ جو بنيادي مقصد آهي پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سميت انهن سياسي پارٽين کي پنجاب ۽ ملڪ جي شهري علائقن ۾ ڪلين بولڊ  ڪرڻ جيڪي ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ نه آهن. ٻيو اهو به مقصد ٿي سگهي ٿو ته ريحام خان جي ڪتاب واري اشو تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪالاباغ ڊيم جي معاملي کي سوشل ميڊيا سميت ملڪي منظر نامي تي آندو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ جلوس جلسا شروع ٿي وڃن ۽ ماڻهن جو ڌيان عمران خان بجاءِ ڪالاباغ ڊيم طرف هليو وڃي  ڇو جو اها سڀني کي خبر آهي ته ڪالا باغ ديم هڪ اهڙو معاملو رهيو آهي جنهن تي عوام مرڻ ۽ مارڻ تي به تيار ٿي ويندو آهي. باقي وقت سان گڏ ڪالاباغ جهڙا گهڻا ئي معاملا ملڪي منظر نامي ڪجهه عرصي جي لاءِ ايندا ۽ ويندا رهندا.

ڏٺو وڃي ته  ڪالا باغ ڊيم جي حمايت يافته صحافي، اينڪرز، دانشور ۽ سول سوسائٽي جنرل مشرف جي دور جا اهي وظيفي خور ماڻهو آهن جيڪي هن وقت تبديلي ۽ انقلاب جا نعرا هڻي رهيا آهن. هن وقت ڪالا باغ ڊيم جي پلان جو فائدو پنجاب وارن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وارن جي حق ۾ نظر اچي رهيو آهي جيڪي تبديلي جا طلبگار آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻي ايئن نه هلندو…،

تنوير زمان خان لنڊن پاڪستان ۾ رهندڙ عيسائي ڪميونٽي اها ڪمونٽي آهي جيڪا برٽس راڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے