19 پیر , نومبر 2018

گوادر ۽ چاهه بهار ۾ رابطي سان پاڪ ايران لاڳاپا مضبوط ٿيندا: صدر ممنون حسين

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته گوادر ۽ چاهه بهار بندرگاهن ۾ رابطي سان پاڪ ايران لاڳاپا مضبوط ٿيندا. صدر ممنون حسين ۽ ايراني صدر حسن روحاني چين ۾ ملاقات ڪئي. چين جي شهر چنگ ڊائو ۾ شنگهائي سهڪار تنطيم جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي صدر ممنون حسين ۽ ايراني صدر حسن روحاني ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ ايران لاڳاپن سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. صدرممنون حسين چيو ته پاڪستان ۽ ايران ۾ ويجها لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن اهم معاملن تي هميشه هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي. صدر ممنون حسين ڪشميري عوام جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ تي ايراني سپريم ليڊر خامنه اي کي ساراهيندي چيو ته گوادر ۽ چاهه بهار بندرگاهن وچ ۾ رابطي سان پاڪ ايران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ ايران لاءِ اهم آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے