20 منگل , نومبر 2018

ايمرجنسي رڳو افتخار محمد چوڌري کي ڪڍڻ لاءِ لڳائي: پرويز مشرف

Nawaz Sharif made a lot of announcements for sending forward: Pervez Musharrafڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو  آهي ته 3 نومبر جي ايمرجنسي لڳائڻ جو مقصد رڳو هڪ شخص افتخار چوڌري کي ڪڍڻ هو، راحيل شريف طرفان ٻاهر موڪلڻ جي ڳالهه غلطي سان ڪئي. هڪ انٽرويو ۾ پرويز مشرف چيو ته نواز شريف طرفان پري پول ڌانڌليءَ جون ڳالهيون بي بنياد آهن. هن چيو ته نواز شريف تي ڪرپشن جي الزام آهن کيس الزامن جو جواب ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته مون کي افسوس ٿيندو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز پنهنجي ڀيٽ مون سان ڪندا آهن،  نواز شريف تي چوري جا ڪيس آهن، مون سان ڀيٽ نه ڪري مون تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پرويز مشرف چيو ته بينظير ڀٽو ڪيس ۾ منهنجي خلاف جي آءِ ٽي جوڙي وئي ۽ منهن جو نالو شامل ڪيو ويو، مون تي لال مسجد جو ڪيس آهي، منهنجي حڪومت لال مسجد آپريشن جو فيصلو بلڪل درست ڪيو.  هن چيو ته 3 نومبر جي ايمرجنسي آئين جي ڀڃڪڙي نه هئي، مان وزيراعظم جي ايڊاوائس تي فوجي ۽ سويلين مشوري کانپوءِ قدم کنيو.  سندس چوڻ هو ته افتخار چوڌري ملڪ کي تباهي طرف ڌڪي رهيو هو سندس خلاف ڪارروائي ضروري هئي، ڪجهه ماڻهن سندس خلاف شڪايتون ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ دفاع پيش ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو نه ڪري سگهيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ دفاع پيش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے