19 پیر , نومبر 2018

اصغر خان ڪيس، نواز شريف ۽ سراج الحق پاران رقم وٺڻ جي ترديد، مرزا اسلم بيگ جي تصديق

Nawaz Sharif challenged the decision of accountability courtااسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اصغر خان ڪيس ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. نواز شريف سپريم ڪورٽ ۾ چئن صفحن تي ٻڌل جواب جمع ڪرايو آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ايف آءِ اي جي جاچ ڪميٽي ۾ 14 آڪٽوبر 2015ع تي ان حوالي سان جواب جمع ڪرائي چڪو آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته يونس حبيب يا سندس هدايت تي 35 يا 25 لک رپين جي رقم به نواز شريف کي نه ڏنو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل جواب ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف جي هدايت تي ڪنهن نمائندي به اليڪشن 1990ع ۾ فنڊن جي نالي تي رقم نه ورتي آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ڪڏهن به رقم اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ اسد دراني کان وصول نه ڪئي آهي. ٻئي طرف  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق  به اصغر خان ڪيس م جواب جمع ڪرائي ڇڏيو  هن 1990  جي چونڊن ۾ پيسا وٺڻ جي ترديد  ڪري ڇڏي . هن پنهنجي جواب ۾ چيو ته جماعت اسلامي  آءِ ايس آءِ  سميت ڪنهن کان به  رقم ناهي  ورتي  پر جماعت  اسلامي 2007 ۾ رضاڪاراڻي  طور تي  ان ڪارروائي جو حصو بڻي . سراج الحق  چيو ته مان بيان حلفي  ڏنو هو جماعت اسلامي  تي لڳل الزام غلط آهن . امير جماعت طور تي  هر جاچ يا فورم تي پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي. ٻئي طرف اڳوڻي آرمي چيف  مرزا سلم بيگ  نواز شريف کي رقم ڏيڻ جي تصديق ڪئي آهي .هن ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم سامهون رقم ڏيڻ جو اعتراف  ڪري ورتو آهي . مرزا اسلم بيگ چيو ته  هن وٽ ثبوت آهن  نواز شريف کي سامهون ويهاريو وڃي  ته ثبوت ڏيندس

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے