15 جمعرات , نومبر 2018

سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪترينا ڪيف تي مهربان

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سپر اسٽار سلمان خان هڪ دفعو ٻيهر ڪترينا ڪيف مٿان مهربان ٿيندي کيس ڪروڙين رپين جو معاضو ڏياري ڇڏيو. باليووڊ سلطان پنهنجي اڳوڻي محبوبا ۽ وجهي دوست ڪترينا ڪيف کي”دبنگ ٽور“ ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو ڏياري ڇڏيو. سلمان  خان جي نئين ايندڙ فلم”ريس 3“ عيد الفطر جي موقعي تي ريليز ٿيندي جنهن جي فوري بعد سلوميان آمريڪا لاءِ ”دبنگ ٽور جي شروعات ڪندو. دبنگ خان جو ”ٽور“  آمريڪا تي ٻڌل آهي جنهن ۾ هن سان گڏ ڪترينا ڪيف، سوناڪشي سنها، جيڪولين فرنينڊس ۽ ڊيزي شاهه به شامل هونديون. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب باليووڊ سلطان سلمان خان ”دبنگ ٽور“ کان اڳ اڳوڻي محبوبا ۽ ويجهي دوست ڪترينا ڪيف تي مهربانين جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي ۽ کيس سڀني اداڪارن کان وڌيڪ معاضو ڏنو ويندو. اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ جيڪولين ۾ معاضي جي سبب وڏي ڊوڙ لڳل هئي، پر هتي به سلمان خان ڪترينا کي ترجيح ڏيندي سڀني کان وڌيڪ معاضو ۾ سندس نالو شامل ڪرائي ڇڏيو. جنهن کي سلمان خان بعد سڀ کان وڌيڪ معاضو 12 ڪروڙ ڏنو ويندو. ٽور انتظاميا چيو آهي ته ڪترينا ڪيف وڏي اداڪارا سان گڏ بهترين ڊانسر پڻ آهي جنهن سبب ڪيس وڌيڪ معاضو ڏنو پيو وڃي. انهيءَ ٽور ۾ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس ۽ سوناڪشي سنها کي 8 پروگرامن جو معاضو 6 کان 8 ڪروڙ ڀارتي رپيا ڏنو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے