22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو غلام حيدر: مڙس هٿان تشدد جو نشانو بڻايل عورت جو وارثن سميت احتجاج

Tando Ghulam Haider: A protest involving the women's inheritors, who are victims of violence* ٽنڊي غلام حيدر ۾ مڙس هٿان تشدد جو نشانو بڻايل عورت ۽ وارثن پاران جوابدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ عثمان جڳسي ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ مڙس خلاف وارثن احتجاج ڪيو.

متاثر عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته سندن ناري جو مڙس سومار ڪولهي نشي ۾ ڌت ٿي روزانو مارڪٽ جو نشانو بڻائيندو هو، هاڻي به سندن عورت کي  تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

هنن چيو ته تشدد بعد متاثر عورت کي سماجي اڳواڻ ويرو ڪولهڻ اسپتال پهچايو، جتي سندس علاج جاري آهي.

سندن چوڻ هو ته واقعي جو ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار نٿي ڪري.

متاثر عورت جي وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري کين انصاف ڏين…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شڪارپور: ٽرالر ڪلٽي، 2 زخمي، هزارين لٽر تيل ضايع

*شڪارپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار کي بچائيندي ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو جنهن سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے